Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 21:9 - Sindhi Bible

9 ۽ خداوند دائود جي غيب دان، جاد کي فرمايو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن خداوند دائود جي جاد نالي غيبدان کي فرمايو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 21:9
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن دائود صبح جو اُٿيو تڏهن خداوند جو ڪلام دائود جي غيب دان جاد نبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن چيس تہ


وڃي دائود کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ٽي شيون ٿو آڇيان؛ انهن مان هڪڙي چونڊي کڻ تہ آءٌ تو سان ائين ڪريان.


بادشاهہ جي غيب دان هيمان، جو خداوند جي ڪلام لاءِ هو، تنهن جا اهي سڀ پٽ هئا، جي ناد وڄائيندا هئا. ۽ خداوند هيمان کي چوڏهن پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڏنيون.


هاڻي دائود بادشاهہ جا ڪم، شروع کان وٺي آخر تائين، ڏس، سڀيئي سموئيل غيب دان جي تواريخ ۾، ۽ ناتن نبيءَ جي تواريخ ۾، ۽ جاد غيب دان جي تواريخ ۾؛


۽ هن خداوند جي گهر ۾ لاوين کي جهانجهن سان، سنطورن سان ۽ بربطن سان دائود جي، ۽ بادشاهہ جي غيب دان جاد، ۽ ناتن نبيءَ جي حڪم موجب مقرر ڪيو: ڇالاءِ جو اهو حڪم خداوند جو سندس نبين جي معرفت مليل هو.


۽ جاد نبيءَ دائود کي چيو تہ انهي ڳڙهہ ۾ نہ رهہ؛ هتان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ وڃ. تڏهن دائود نڪري ويو، ۽ حارت جي ٻيلي ۾ آيو.


(اڳئين زماني ۾ اسرائيل منجهہ، جڏهن ڪو ماڻهو خدا کان ڪي پڇڻ ويندو هو تڏهن چوندو هو تہ اچو تہ غيب دان وٽ هلون: ڇالاءِ جو جنهن کي هاڻي نبي ٿا سڏين، تنهن کي اڳي غيب دان سڏيندا هئا.)


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ