Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 21:8 - Sindhi Bible

8 ۽ دائود خدا کي چيو، تہ هي ڪم جو مون ڪيو تنهن ۾ مون وڏو گناهہ ڪيو آهي: پر هاڻي، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ دائود خدا کي چيو تہ ”اهو ڪم ڪري مون وڏو گناهہ ڪيو آهي. هاڻي آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي هن ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر. مون ڏاڍي بي‌عقلي ڪئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 21:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يعقوب جا پٽ بہ اها ڳالهہ ٻڌي جهنگ مان موٽي آيا: اهي تمام رنج ٿيا ۽ ڏاڍي ڪاوڙ آين؛ ڇالاءِ جو هن يعقوب جي ڌيءَ سان سمهڻ ڪري اسرائيل ۾ بي عزتي جو ڪم ڪيو هو، جو بلڪل بي واجب هو.


تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ ناتن دائود کي چيو تہ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪيو آهي؛ تون مرندين ڪين.


پوءِ آءٌ پنهنجي خواري کڻي ڪيڏي وينديس؟ ۽ تون اسرائيلين ۾ بي عقلن مان هڪڙو شمار ۾ ايندين. تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ انهيءَ بابت بادشاهہ کي چئُہ؛ ڇالاءِ جو هو مون کي توکان ڪين روڪيندو.


ماڻهن جي شمار ڪرڻ کان پوءِ دائود پشيمان ٿيڻ لڳو. ۽ دائود خداوند کي چيو تہ جيڪي مون ڪيو آهي تنهن ۾ مون وڏو گناهہ ڪيو آهي: پر هاڻي، اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.


۽ انهيءَ ڳالهہ جي ڪري خدا ناراض ٿيو؛ تنهنڪري هن اسرائيل کي ماريو.


۽ هن انهن کي چيو تہ هي ماڻهو، جن مون کي چيو آهي تہ جيڪا پاڃاري تنهنجي پيءُ اسان تي رکي آهي سا تون هلڪي ڪر، تن کي جواب ڏيڻ لاءِ اوهين ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟


اي خداوند، پنهنجي نالي جي واسطي منهنجو ڏوهہ معاف ڪر، ڇالاءِ جو اُهو وڏو آهي.


مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ مون پنهنجي برائي ڪين لڪائي: مون چيو تہ آءٌ خداوند وٽ پنهنجن گناهن جو اقرار ڪندس؛ ۽ تو منهنجن گناهن جي برائي معاف ڪئي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ رڳو پنهنجو گناهہ قبول ڪر، تہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم عدولي ڪئي اٿيئي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ پنهنجا رستا پکيڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي ڪلام جي تابعداري نہ ڪئي اٿيئي.


تون ڪلام کڻي خداوند وٽ موٽ، ۽ انهي کي چئُہ تہ تنهنجي سڀ بڇڙائي ڪڍي وٺي، ۽ مهرباني ڪري اسان کي قبول ڪري: پوءِ اسين پنهنجي چپن جي قرباني پيش ڪنداسين.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


جي اسين پنهنجا گناهہ باسينداسين تہ هو اسان جا گناهہ معاف ڪرڻ، ۽ اسان کي سموري ناراستيءَ کان پاڪ ڪرڻ ۾ سچو ۽ عادل آهي.


۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي: تو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل حڪم تي پوري تعميل نہ ڪئي آهي: ڇالاءِ جو هاڻي خداوند تنهنجي بادشاهي اسرائيل تي هميشہ لاءِ قائم ڪرڻ وارو هو.


تڏهن سائول چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: اي منهنجا پٽ دائود، تون موٽي اچ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي اڳتي نقصان ڪونہ رسائيندس، جو اڄ منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قيمتي هئي: ڏس، مون بيوَقوفي ڪئي آهي، ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ