۽ دائود جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو؛ ۽ دائود خداوند جي حضور ۾ دعا گهري. ۽ خداوند فرمايو تہ سائول جي سبب، ۽ سندس خوني گهراڻي جي سبب اهو حال ٿيو آهي، جو هن جبعونين کي قتل ڪيو.
۽ دائود خدا کي چيو، تہ هي ڪم جو مون ڪيو تنهن ۾ مون وڏو گناهہ ڪيو آهي: پر هاڻي، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ تون پنهنجي ٻانهي جو گناهہ معاف ڪر؛ ڇالاءِ جو مون ڏاڍو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.
بني اسرائيل لعنت ٿيل شين جي نسبت ۾ هڪڙو قصور ڪيو: ڇالاءِ جو يهوداهہ جي فرقي واري عڪن، بن ڪرمي، بن زبدي، بن زارح، انهن لعنت ڪيل شين مان ڪا کنئي: ۽ انهي ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.
۽ عئي جي ماڻهن هنن منجهان اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌا: ڇالاءِ جو هو شهر جي دروازي کان وٺي شبريم تائين انهن جي پٺيان پيا، ۽ هيٺ لهندي انهن کي ماريائون: انهي ڪري ماڻهن جون دليون پگهرجي پاڻي پاڻي ٿي ويون.