Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 21:3 - Sindhi Bible

3 ۽ يوآب چيو تہ خداوند پنهنجيءَ قوم کي سؤ ڀيرا زيادہ وڌائي: پر اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، اهي سڀ منهنجي ڌڻيءَ جا ٻانها نہ آهن ڇا؟ منهنجو ڌڻي بادشاهہ اها ڳالهہ ڪرڻ ڇو ٿو گهُري؟ هو اسرائيل جي لاءِ گناهہ جو سبب ڇو ٿو ٿئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پر يوآب کيس وراڻيو تہ ”شل خداوند تنهنجي لشڪر کي سؤڻو وڌائي. اي منهنجا آقا بادشاهہ! ڇا اهي سڀ اوهان جا ٻانها ناهن؟ منهنجو آقا بادشاهہ ائين ڇو ٿو ڪرڻ گھري؟ هو بني اسرائيل کي گناهہ منجھہ ڇو ٿو وجھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 21:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابي ملڪ ابرهام کي سڏي چيو تہ تو هي اسان سان ڇا ڪيو آهي؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو، جو تو مون تي ۽ منهنجي بادشاهت تي هڪڙو وڏو گناهہ آندو آهي؟ تو مون سان اهڙا ڪم ڪيا آهن، جي توکي ڪرڻ نہ گهربا هئا.


۽ جيڪي گناهہ يربعام ڪيا آهن، ۽ جيڪي هن اسرائيل کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل کي ڇڏي ڏيندو.


تڏهن بادشاهہ يهوآس، يهويدع ڪاهن، ۽ ٻين ڪاهنن کي سڏائي چيو تہ اوهين گهر جي مرمت ڇو نٿا ڪرايو؟ تنهنڪري هاڻي اڳتي پنهنجي واقفيت وارن کان پئسا نہ وٺو، پر اُهي گهر جي مرمت لاءِ پهچائي ڏيو.


چڱي همت جهل تہ پنهنجيءَ قوم لاءِ ۽ پنهنجي خدا جي شهرن لاءِ بهادري ڏيکاريون: پوءِ خداوند کي جيڪي وڻي سو ڪري.


انهيءَ هوندي بہ بادشاهہ جي ڳالهہ يوآب جي ڳالهہ کان ڳوري ٿي. جنهنڪري يوآب روانو ٿيو، ۽ ساري اسرائيل ۾ ويو، ۽ يروشلم ۾ آيو.


شل خداوند اوهان کي، ۽ اوهان جي اولاد کي وڌائيندو وڃي.


جڏهن تون بني اسرائيل جو تعداد ڄاڻڻ لاءِ سندن شمار ڪرين، تڏهن انهن مان هرڪو ماڻهو شمار وقت، خداوند جي لاءِ پنهنجي ساهہ جو صدقو ڏئي؛ تہ جڏهن تون سندن شمار ڪرين تڏهن منجهن ڪا وبا نہ پوي.


۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو جو تو ههڙو گناهہ هنن جي مٿان آندو آهي؟


رعيت جي گهڻائيءَ ۾ بادشاهہ جو فخر آهي: پر رعيت جي گهٽتائيءَ ۾ بادشاهہ جي هلاڪت آهي.


تو قوم کي وڌايو آهي، اي خداوند، تو قوم کي وڌايو آهي؛ تون جلال وارو آهين، تو ملڪ جون سڀ سرحدون وڌائي وڏيون ڪيون آهن.


تنهنجو اولاد واريءَ وانگي هجي ها، ۽ تنهنجي پيٽ جو اولاد ان جي ذرن جيترو: انهي جو نالو منهنجي اڳيان تباهہ نہ ٿئي ها، نڪي برباد ٿئي ها.


شل خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جو خدا، اوهان کي انهي کان بہ هزار ڀيرا وڌائي، ۽ برڪت ڏئي، جيئن ڪ هن واعدو ڪيو آهي!


پوءِ اُهي جلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جي اڌ فرقي وٽ آيا، ۽ ساڻن ڳالهہ ٻولهہ ڪري چيائون، تہ


منهنجا پٽ، ائين نہ هئڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪا خبر آءٌ ٻڌان پيو سا چڱي ناهي: اوهين خداوند جي قوم کي گنهگار ٿا ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ