Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 21:2 - Sindhi Bible

2 ۽ دائود يوآب کي ۽ قوم جي سردارن کي چيو، تہ وڃي بيرسبع کان وٺي دان تائين اسرائيل جو شمار ڪريو؛ ۽ مون کي خبر آڻي ڏيو تہ آءٌ ڪل تعداد ڄاڻان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 سو دائود پنهنجي سپهہ‌سالار يوآب ۽ فوج جي سالارن کي چيو تہ ”اتر واري دان شهر کان وٺي ڏکڻ واري بيرسبع شهر تائين سڄي ملڪ ۾ وڃي بني اسرائيل جي جوان مردن جو شمار ڪريو. پوءِ اچي مون کي ٻڌايو تہ جيئن مون کي خبر پوي تہ جنگ جي لائق ڪل ڪيترا جوان آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 21:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ابرهام صبح جو سوير اُٿيو، ۽ ماني، ۽ پاڻيءَ سان ڀريل هڪڙي مشق هاجرہ کي سندس ڪلهي تي رکي ڏنائين، ۽ ٻار سميت روانو ڪري ڇڏيائينس. هو اتان نڪري بيرسبع جي رڻ پٽ ۾ رلندي رهي.


پر منهنجي صلاح آهي تہ سڀ اسرائيلي دان کان وٺي بيرسبع تائين، جي سمنڊ جي واريءَ جيترا بيشمار آهن، تن کي گڏ ڪر: ۽ تون پاڻ پنهنجي سر وڃي جنگ ڪر.


تڏهن خداوند صبح کان وٺي مقرر ڪيل وقت تائين اسرائيل تي وبا موڪلي: ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين ستر هزار ماڻهو مري ويا.


۽ سائول جي گهراڻي مان بادشاهي ڪڍي دائود جو تخت اسرائيل تي، ۽ يهوداہ تي، دان کان وٺي بيرسبع تائين قائم نہ ڪريان.


۽ يهوداہ ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾، دان کان وٺي بيرسبع تائين، پنهنجي پنهنجي ڊاک جي منهہ، ۽ انجير جي وڻ هيٺ صحيح سلامت رهندا آيا.


تنهنڪري هنن اهو حڪم جاري ڪيو تہ ساري اسرائيل ۾، بيرسبع کان وٺي دان تائين، اشتهار ڪجي تہ سڀ ماڻهو خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ فسح جي عيد ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ اچن: ڇالاءِ جو هنن تمام گهڻن ماڻهن سان گڏجي اهڙي طرح عيد نہ ڪئي هئي، جيئن ڪ لکيل آهي.


ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ هن کي نيچو ڪندي: پر جيڪو نماڻي طبيعت جو آهي، سو عزت حاصل ڪندو.


۽ ظهورن جي نهايت گهڻائيءَ ڪري متان آئون مغرور ٿي پوان، تنهنڪري منهنجي جسم ۾ هڪڙو ڪنڊو هنيو ويو، تہ شيطان جو قاصد ٿي اهو مون کي تنگ ڪري تہ آئون مغرور نہ ٿيان.


تڏهن سڀ بني اسرائيل هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا، ۽ جماعت جلعاد ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين، مصفاہ ۾، خداوند جي لاءِ گڏ ٿي،


۽ ساري اسرائيل کي دان کان وٺي بيرسبع تائين خبر پئجي ويئي تہ سموئيل خداوند جو نبي مقرر ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ