Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 21:18 - Sindhi Bible

18 تڏهن خداوند جي ملائڪ جاد کي حڪم ڏنو تہ دائود کي چوي، تہ دائود اُرنان يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ چڙهي وڃي ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تڏهن خداوند جي ملائڪ جاد کي حڪم ڏنو تہ ”دائود کي چئُہ تہ هو اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ وڃي مون خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 21:18
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڏينهن جاد دائود وٽ آيو ۽ چيائينس تہ مٿي وڃ، ۽ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙ.


تڏهن جاد دائود کي اچي چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪا ڳالهہ توکي وڻي سا قبول ڪر؛


۽ خدا هڪڙي ملائڪ کي يروشلم ۾ موڪليو تہ انهيءَ کي ناس ڪري: ۽ جڏهن هو تباهہ ڪرڻ تي هو تہ خداوند ڏٺو، ۽ انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايائين؛ ۽ انهيءَ چٽ ڪرڻ واري ملائڪ کي چيائين تہ ڪافي آهي؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اُرنان يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ بيٺو هو.


۽ دائود جاد جي چوڻ موجب جيئن خداوند فرمايو هو تيئن مٿي ويو.


تڏهن دائود چيو تہ هيءُ خداوند جو گهر آهي ۽ هيءَ ئي اسرائيل جي سوختني قرباني چاڙهڻ لاءِ قربانگاهہ آهي.


تنهن کانپوءِ سليمان مورياہ جبل تي، يروشلم ۾ خداوند جو گهر جوڙائڻ شروع ڪيو، جتي خداوند هن جي پيءُ دائود کي ڏيکاري ڏني هئي، ۽ جنهن جي تياري هن انهيءَ جاءِ تي ڪئي، جا دائود ارنان يبوسيءَ جي ڳاهڻ واري پڙ ۾ مقرر ڪئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ