Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 21:16 - Sindhi Bible

16 ۽ دائود مٿي نهاريو ۽ ڏٺائين تہ خداوند جو ملائڪ آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ اُگهاڙي ترار جهليو بيٺو آهي، ۽ سندس هٿ يروشلم تي ڊگهيريل آهي، تڏهن دائود ۽ سڀني بزرگن کٿا ڍڪيا ۽ منهن ڀر ڪِري پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 دائود مٿي نهاري ڏٺو تہ خداوند جو ملائڪ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ اگھاڙي تلوار يروشلم جي مٿان جھليو بيٺو آهي. تڏهن دائود ۽ اڳواڻ، جن کي کٿا ڍڪيل هئا، تن زمين تي سر رکي سجدو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 21:16
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن آدم کي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ عدن جي باغ جي اُڀرندي پاسي ڪروبي ۽ چوڌاري گهمندڙ ۽ چمڪندڙ ترار رکيائين تہ زندگيءَ جي وڻ جي واٽ جي چوڪيداري ڪن.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ بت تي کٿو ڍڪيائين، ۽ روزو رکيائين، ۽ کٿي تي سمهڻ ۽ آهستي هلڻ لڳو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ حزقياہ اهو ٻڌو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائين، ۽ کٿو ڍڪي خداوند جي گهر ۾ ويو.


۽ اليشع دعا گهُري ۽ چيو تہ اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون هن جون اکيون کول تہ هو ڏسي. ۽ خداوند انهيءَ جوان ماڻهوءَ جون اکيون کوليون ۽ هن ڏٺو: ۽ ڏس، اُهو جبل اليشع جي چوڌاري گهوڙن ۽ باهہ جي رٿن سان ڀريل هو.


۽ آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس ۽ فرعون جون ٻانهون ڪِري پونديون: ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجي ترار بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اُها هو مصر جي زمين تي ڊگهيريندو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن پئي ماڻهو ماريا، ۽ مون کي ڇڏي ڏنائون، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ دانهون ڪري چوڻ لڳس تہ هاءِ، اي خداوند خدا، يروشلم تي پنهنجي ڪاوڙ ڇنڊڻ ۾ تون اسرائيل جا باقي رهيل سڀ ماڻهو ناس ڪري ڇڏيندين ڇا؟


تڏهن موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي ساري جماعت جي سامهون منهن ڀر ڪري پيا.


تڏهن اهي سجدو ڪري چوڻ لڳا تہ اي خدا، سڀني جانين جي روحن جا خدا، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ ڪري، تون ساري جماعت تي ڪاوڙبين ڇا؟


۽ گڏهہ خداوند جي فرشتي کي هٿ ۾ ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو: تڏهن گڏهہ رستي کان مُڙي ٻنيءَ ۾ وڃڻ لڳي، پر بلعام گڏهہ کي ڦيرائي رستي تي آڻڻ لاءِ مارڻ لڳو.


تڏهن خداوند بلعام جون اکيون کوليون، ۽ هن خدا جي فرشتي کي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو، تنهن تي هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي، سجدو ڪيو.


ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن قربانگاهہ مان شعلو آسمان ڏانهن چڙهيو، تڏهن خداوند جو فرشتو بہ قربانگاهہ جي باهہ واري شعلي ۾ چڙهي ويو: ۽ منوحہ ۽ سندس زال ويٺي نهاريو؛ ۽ هو زمين تي منهن ڀر ڪري پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ