Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 21:12 - Sindhi Bible

12 يا ٽي سال ڏڪار جا؛ يا ٽي مهينا تنهنجي دشمنن جي ترار تو تي غالب پوي ۽ ناس ڪري؛ يا ٽي ڏينهن خداوند جي ترار يعني ملڪ ۾ وبا پوي، ۽ خداوند جو ملائڪ اسرائيل جي سڀني سرحدن تائين تباهي ڪري. هاڻي ويچار ڪري ٻڌاءِ تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي ڪهڙو جواب موٽائي ڏيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ٽي سال ڏڪار، يا ٽي مهينا تنهنجا دشمن تلوار کنيون توهان کي ڀڄائيندا وتن، يا ٽي ڏينهن خداوند جي تلوار يعني وبا اوهان جي ملڪ ۾ پوي ۽ خداوند جو ملائڪ بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ تباهي مچائي. هاڻي ويچار ڪري ٻڌاءِ تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي وڃي ڪهڙو جواب ڏيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 21:12
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو؛ ۽ دائود خداوند جي حضور ۾ دعا گهري. ۽ خداوند فرمايو تہ سائول جي سبب، ۽ سندس خوني گهراڻي جي سبب اهو حال ٿيو آهي، جو هن جبعونين کي قتل ڪيو.


۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو.


۽ انهيءَ رات هيئن ٿيو تہ خداوند جو ملائڪ نڪري آيو ۽ اسورين جي لشڪرگاهہ ۾ هڪ لک پنجاسي هزار ماڻهو ماريائين: ۽ جڏهن صبح جو سوير ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ اُنهن سڀني جا لاش پيا آهن.


هاڻي اليشع جنهن زال جي پٽ کي وري جيئرو ڪيو هو، تنهن کي چيائين تہ اُٿ، تون پنهنجي گهراڻي سميت وڃ ۽ جتي رهي سگهين اُتي وڃي رهہ: ڇالاءِ جو خداوند ڏڪار کي سڏيو آهي؛ ۽ اُهو هن زمين تي ست ورهيہ رهندو.


تڏهن جاد دائود کي اچي چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪا ڳالهہ توکي وڻي سا قبول ڪر؛


نہ انهيءَ مريءَ کان جا اوندهہ ۾ پيئي گهمي، نڪي وبا کان جا ڏينهن ڏٺي جو برباد ٿي ڪري.


ڇالاءِ جو خداوند مصرين جي مارڻ لاءِ لنگهندو؛ ۽ جڏهن هو سردرن ۽ ٻانهين تي رت ڏسندو، تڏهن خداوند انهيءَ در کي ڇڏي لنگهي ويندو، ۽ تباهي آڻڻ واري کي اوهان جي گهرن ۾ اچڻ ڪين ڏيندو تہ اچي اوهان کي ماري.


ڇالاءِ جو خداوند سڀني انسانن سان باهہ، ۽ پنهنجيءَ ترار سان حجت ڪندو: ۽ خداوند جا قتل ڪيل گهڻا هوندا.


بيابان ۾ سڀني اُگهاڙين ٽڪرين تي ڦرلٽ ڪرڻ وارا اچي نڪتا آهن: ڇالاءِ جو خداوند جي ترار هڪڙي ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏي ٿي: ڪنهن بہ ماڻهوءَ لاءِ سلامتي ڪانهي.


تہ تڏهن هيئن ٿيندو تہ ترار، جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا سا مصر جي ملڪ ۾ اوهان کي اچي پهچندي، ۽ ڏڪار جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا، سو اُتي مصر ۾ اوهان جي بنهہ پٺيان لڳندو؛ ۽ اُتي اوهين مرندا.


اي خداوند جي ترار، اڃا ڪيتري مهل کان پوءِ تون ماٺ ڪنديئن؟ تون پاڻ کي پنهنجي مياڻ ۾ وجهہ؛ آرام وٺ ۽ ماٺ ڪر.


جيڪي ترار سان قتل ٿيندا آهن سي انهن کان بهتر آهن جي بک جي وگهي ٿا مرن؛ ڇالاءِ جو هي زمين جي ميون نہ ملڻ ڪري سڙندا ڳرندا وڃن.


۽ اوهين گڏ ڪري رکيل پراڻو اَن کائيندا، ۽ نئين مال جي اچڻ ڪري پراڻو ڪڍي ٻاهر ڪندا.


۽ آءٌ پنهنجو منهن اوهان کان ڦيرائيندس، ۽ اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان ماريا ويندا: جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا؛ ۽ ڪوبہ اوهان جي پٺيان نہ پوندو تڏهن بہ اوهين ڀڄندا ويندا.


پر آئون اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايلياہ جي ڏينهن ۾ جڏهن ساڍا ٽي ورهيہ آسمان پوريو پيو هو، ۽ سڄي ملڪ ۾ ڏڪر هو، تڏهن اسرائيل ۾ گهڻيئي بيوهہ زالون هيون،


۽ اُنهي دم خدا جي ملائڪ اچي ماريس، ڇالاءِ جو هن خدا کي وڏائي نہ ڏني؛ ۽ ڪينئان پئجي ويس، ۽ مري ويو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندين؛ تہ هي سڀ لعنتون توتي اينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون.


خداوند توکي سلهہ سان، ۽ تپ سان، ۽ سوڄ سان، ۽ سخت گرميءَ سان، ۽ ترار سان، ۽ جهولي سان، ۽ رتيءَ سان ماريندو، ۽ جيسين تون تباهہ نہ ٿي ويندين، تيسين اهي تنهنجي پٺيان پوندا.


خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.


خداوند توکي مصر جي ڦرڙيءَ سان، ۽ بواسير سان، ۽ ڏڍ سان، ۽ خارش سان ماريندو، ۽ تون انهن مان ڪڏهن بہ ڇٽي ڪين سگهندين.


خداوند تنهنجن گوڏن ۾، ۽ تنهنجين ٽَنگن ۾ ڦرڙيون ڪڍي توکي اهڙو آزاريندو، جو تون پير جي تريءَ کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين ڇٽي نہ سگهندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ