Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 21:1 - Sindhi Bible

1 ۽ شيطان اسرائيل جي برخلاف اُٿيو، ۽ دائود کي چوريائين تہ اسرائيل جو شمار ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 شيطان بني اسرائيل جي خلاف کڙو ٿي دائود جي دل ۾ اهو خيال پيدا ڪيو تہ هو بني اسرائيل جو شمار ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 21:1
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي سڀيئي انهيءَ راڪاس کي جات ۾ ڄاوا هئا؛ ۽ اُهي دائود جي هٿان ۽ سندس نوڪرن جي هٿان مارجي ويا.


۽ يوآب بن ضروياہ آدمشماري شروع ڪئي پر پوري نہ ڪيائين؛ ۽ انهي ڪري خداوند جو غضب اسرائيل تي ڀڙڪيو؛ نڪي ماڻهن جو شمار بادشاهہ دائود جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيو ويو.


اهي بني آشر هئا، جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، چونڊيل همت وارا بهادر مرد ۽ اميرن ۾ مکيہ هئا. ۽ انهن جو شمار نسب نامي موجب جنگ جي خدمت لاءِ ڇويهہ هزار ماڻهو هو.


وري بہ هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو، جڏهن خدا جا پٽ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيا، ۽ شيطان بہ انهن سان گڏ خداوند جي اڳيان حاضري ڏيڻ آيو.


جڏهن تون بني اسرائيل جو تعداد ڄاڻڻ لاءِ سندن شمار ڪرين، تڏهن انهن مان هرڪو ماڻهو شمار وقت، خداوند جي لاءِ پنهنجي ساهہ جو صدقو ڏئي؛ تہ جڏهن تون سندن شمار ڪرين تڏهن منجهن ڪا وبا نہ پوي.


۽ هن مون کي سردار ڪاهن يشوع، خداوند جي فرشتي جي اڳيان بيٺل ڏيکاريو، ۽ شيطان اُن جي ساڄي هٿ جي پاسي ساڻس مقابلو ڪرڻ لاءِ بيٺو هو.


تڏهن آزمائڻ واري اچي چيس تہ جي تون خدا جو فرزند آهين تہ حڪم ڪر تہ هي پهڻ ماني ٿي پون.


۽ جڏهن هو اُتان نڪتو، تڏهن فقيهہ ۽ فريسي ورائي ويس، ۽ ڇيڙڻ لڳس تہ گهڻيون ڳالهيون ڪري.


اي شمعون، شمعون، ڏس شيطان اوهان کي گهُري ورتو تہ اوهان کي ڪڻڪ وانگر ڳاهي:


۽ شيطان اڳيئي شمعون جي پٽ يهوداهہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ وڌو هو تہ هن کي وڃي جهلائي.


پر پطرس چيو تہ اي حننياہ، شيطان ڇو تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال ڀريو آهي، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو، ۽ زمين جي قيمت مان ڪجهہ رکي ڇڏيئي؟


۽ اچو تہ محبت ۽ چڱن ڪمن ۾ همتائڻ لاءِ هڪٻئي جو خيال رکون؛


جڏهن ڪو ماڻهو آزمائش ۾ پوي، تڏهن انهي کي ائين چوڻ نہ گهرجي تہ منهنجي آزمائش خدا جي طرفان آهي، ڇالاءِ جو خدا پاڻ بڇڙائيءَ سان آزمايو نٿو وڃي، نڪي هو ڪنهن ماڻهوءَ کي آزمائي ٿو.


۽ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاڻي اسان جي خدا جي نجات، ۽ قدرت، ۽ بادشاهت، ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي: ڇالاءِ جو اسان جي ڀائرن تي الزام آڻڻ وارو، جو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان مٿن الزام پيو آڻي، سو هيٺ اُڇلايو ويو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ