Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 20:7 - Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن انهيءَ اسرائيل کي هاڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعي جي پٽ يونتن انهيءَ کي ڪُٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن هن بني اسرائيل جي ماڻهن کي للڪاريو، تڏهن دائود جي ڀاءُ سمعيءَ جي پٽ يونتن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 20:7
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يسيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو الياب، ۽ ٻيو ابينداب، ۽ ٽيون سمع؛


۽ وري جات ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو هو، جنهن کي چوويهہ آڱريون هيون، هرهڪ هٿ تي ڇهہ آڱريون ۽ هرهڪ پير تي ڇهہ آڱريون؛ ۽ اهو بہ راڪاسن جي اولاد مان هو.


اهي سڀيئي انهيءَ راڪاس کي جات ۾ ڄاوا هئا؛ ۽ اُهي دائود جي هٿان ۽ سندس نوڪرن جي هٿان مارجي ويا.


۽ دائود جو چاچو يونتن عقلمند مشير ۽ محرر هو: ۽ يحي ايل بن حڪموني شهزادن سان رهندو هو:


تو ڪنهن جي ملامت ڪئي آهي، ۽ ڪنهن جي بابت ڪفر بڪيو اٿيئي؟ تو ڪنهن جي برخلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ۽ پنهنجون اکيون مٿي کنيون اٿيئي؟ اسرائيل جي قدوس جي برخلاف!


تڏهن يسيءَ سمہ کي اڳيان اچڻ لاءِ چيو. ۽ هن چيو تہ هن کي بہ خداوند پسند نہ ڪيو آهي.


۽ انهي فلستيءَ چيو تہ اڄ اسرائيل جي لشڪرن کي آءٌ هاڪاريان ٿو تہ ڪو ماڻهو مون کي ڪڍي ڏين تہ اسين پاڻ ۾ وڙهون.


۽ دائود جي آس پاس جيڪي ماڻهو بيٺا هئا تن کي هن چيو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري، ۽ اسرائيل تان اهو داغ دور ڪندو تنهن سان ڇا ڪيو ويندو؟ ڇالاءِ جو هي اڻطهريل فلستي ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي ٿو هاڪاري؟


تنهنجي ٻانهي شينهن کي ۽ رڇ کي بہ ماريو: ۽ هي اڻ طهريل فلستي بہ اُنهن مان هڪڙو ٿيندو، ڇالاءِ جو هن جيئري خدا جي لشڪرن کي اچي هاڪاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ