Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 20:5 - Sindhi Bible

5 ۽ وري بہ فلستين سان جنگ لڳي: ۽ الحنان بن يعور، لحميءَ کي قتل ڪيو جو جوليت جاتيءَ جو ڀاءُ هو، جنهن جي نيزي جو ٿر ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 فلستين سان هڪڙي ٻي جنگ ۾ الحنان ولد يعور هڪڙي ماڻهوءَ کي قتل ڪيو جنهن جو نالو لحمي هو، جيڪو جوليت جاتيءَ جو ڀاءُ هو ۽ هن جو نيزو ڪوريءَ جي آڏاڻي واري لٺ جهڙو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 20:5
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جوب ۾ وري بہ فلستين سان جنگ لڳي؛ الحنان بن يعري ارجيم بيت الحميءَ جاتي جوليت کي قتل ڪيو، جنهن جو نيزو ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هو.


هن هڪڙو مصري شخص ڪُٺو، جو تمام وڏي قد جو هو، يعني پنج هٿ ڊگهو هو؛ ۽ انهيءَ مصريءَ جي هٿ ۾ ڪوريءَ جي شهتير جهڙو هڪڙو نيزو هو؛ ۽ هو انهيءَ تي هڪڙي لٺ کڻي ڪاهي ويو ۽ انهيءَ مصريءَ جي هٿ مان نيزو ڦري ورتائين، ۽ انهيءَ جي نيزي سان انهيءَ کي ڪُٺائين.


۽ وري جات ۾ جنگ لڳي، جتي هڪڙو وڏي قد وارو ماڻهو هو، جنهن کي چوويهہ آڱريون هيون، هرهڪ هٿ تي ڇهہ آڱريون ۽ هرهڪ پير تي ڇهہ آڱريون؛ ۽ اهو بہ راڪاسن جي اولاد مان هو.


۽ فلستين جي لشڪرگاهہ مان هڪڙو پهلوان نڪتو، جنهن جو نالو جالوت هو، جو جات جو هو، ۽ جنهن جو قد ڇهہ هٿ ۽ هڪڙي گرانٺ هو.


۽ سندس نيزي جي ڇڙ ڪوريءَ جي شهتير جهڙي هئي؛ ۽ سندس نيزي جو ڦر تور ۾ لوهہ جا ڇهہ سؤ شيڪل هو: ۽ هن جو زرهہ بردار سندس اڳيان هلندو هو.


۽ ڪاهن چيو تہ جالوت فلستي، جنهن کي تو ايلاہ جي واديءَ ۾ قتل ڪيو هو، تنهن جي ترار هتي آهي، اِجهو اُها افود جي پٺيان ڪپڙي ۾ ويڙهي رکي آهي: جيڪڏهن تون اُها وٺڻ گهرين تہ وٺ: ڇالاءِ جو انهي کان سواءِ ٻي ترار هتي ڪانهي؛ تڏهن دائود چيو تہ انهي جهڙي ٻي ڪابہ ڪانهي، اُها مون کي ڏي.


۽ هن انهي جي لاءِ خداوند کان سوال گهريو، ۽ هن کي ماني ڏنائين، ۽ جالوت فلستيءَ جي ترار بہ ڏنائينس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ