Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 20:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ بهار جي موسم ۾، جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن، تڏهن يوآب چونڊيل لشڪر وٺي بني عمون جي ملڪ کي ناس ڪيو، ۽ ربہ کي گهيرو ڪيائين. پر دائود پاڻ يروشلم ۾ ترسي پيو. ۽ يوآب ربہ کي شڪست ڏني ۽ ماريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 بهار جي موسم ۾، جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن تن ڏينهن ۾ يوآب لشڪر وٺي ٻاهر نڪتو ۽ وڃي بني عمون جي ملڪ تي حملو ڪيائين. دائود بادشاهہ پاڻ يروشلم ۾ ئي رهيو. هنن وڃي انهيءَ ملڪ جي گاديءَ واري شهر ربہ کي گھيري هيٺ آندو ۽ ان کي تباهہ ڪري ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 20:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ بهار جي موسم ۾ جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن، تڏهن دائود پنهنجن نوڪرن کي، ۽ سڀني اسرائيلين کي، يوآب سان گڏ ڏياري موڪليو، ۽ انهن بني عمون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو، ۽ ربہ کي گهيرو ڪيائون. پر دائود يروشلم ۾ ترسي پيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود محنايم ۾ آيو تڏهن سوبي بن ناحش، جو بني عمون واري ربہ جو ويٺل هو، ۽ مڪير بن عمي ايل، جو لودبار جو ويٺل هو. ۽ برزلي جلعادي، جو راجليم جو ويٺل هو،


پوءِ اُهو بني اسرائيل جي بادشاهہ وٽ آيو ۽ اُنهيءَ کي چيائين تہ وڃي پاڻ کي مضبوط ڪر، ۽ ڌيان ڏيئي ڏس تہ ڇا ٿو ڪرين: ڇالاءِ جو سال جي موٽي اچڻ تي، ارام جو بادشاهہ توتي ڪاهي ايندو.


۽ هيئن ٿيو تہ سال جي موٽي اچڻ تي بن هدد ارامي گڏ ڪيا ۽ اسرائيل سان وڙهڻ جي لاءِ افيق ڏي ويو.


۽ اليشع وفات ڪئي ۽ انهيءَ کي دفن ڪيائون. هاڻي موآبين جي ٽولين سال جي شروعات ۾ ملڪ تي ڪاهہ ڪئي.


۽ جڏهن هدرعزر جي ملازمن ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن، تڏهن دائود سان صلح ڪيائون، ۽ سندس ٻانها ٿيا: انهيءَ طرح ارامين وري ڪڏهن بہ بني عمون کي مدد نہ ڏني.


ڏس، مون لوهار خلقيو آهي جو ٽانڊن کي ڦوڪي باهہ ٻاري ٿو، ۽ پنهنجي ڪم لاءِ هڪڙو اوزار ٺاهي ٿو؛ ۽ مون برباد ڪرڻ لاءِ هڪڙو برباد ڪرڻ وارو بہ پيدا ڪيو آهي.


تڏهن مون چيو تہ اي خداوند، ڪيستائين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيستائين ڪ شهر بنا ڪنهن رهاڪوءَ جي، ۽ گهر بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي ويران ٿين؛ ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿئي.


تون هڪڙو رستو مقرر ڪر تہ ترار بني عمون واري ربہ ۾ اچي، ۽ ٻيو ڪوٽ واري شهر يروشلم ۾ يهوداہ ڏانهن وڃي.


۽ آءٌ ربہ کي اُٺن جي ويهڪ جي جاءِ ڪندس، ۽ بني عمون جي زمين کي ڌڻ جي ليٽڻ جي جاءِ ڪندس: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


پر آءٌ ربہ جي ڀت تي باهہ ٻاريندس ۽ اُها سندن محلات ساڙي ڇڏيندي؛ جنگ جي ڏينهن رڙين سان، ۽ حرارت جي ڏينهن طوفان سان،


(ڇالاءِ جو رفائيم جي نسل منجهان فقط بسن جو بادشاهہ عوج وڃي بچيو هو: ۽ ڏس، هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو؛ ۽ اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ موجود نہ آهي ڇا؟ انهي جي ڊيگهہ، ماڻهوءَ جي هٿن جيڏا نوَ هٿ، ۽ انهي جي ويڪر چار هٿ هئي.)


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ