Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 2:55 - Sindhi Bible

55 ۽ ڪاتبن جا گهراڻا، جي يعبيض ۾ رهندا هئا؛ ترعاتي، سمعاتي ۽ سوڪاتي. اهي آهن اُهي قيني، جي حمات مان آيا، جو ريڪاب جي گهراڻي جو پيءُ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

55 هو يعبيض ۾ رهندڙ ڪاتبن جي هنن گھراڻن جو پڻ وڏو هو: ترعاتي، سمعاتي ۽ سوڪاتي. اهي سڀ قيني هئا جيڪي ريڪابين جي وڏي حمات جي نسل مان هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 2:55
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هو اُتان روانو ٿيو، تڏهن هو يهوناداب بن ريڪاب کي گڏيو، جو سندس استقبال لاءِ ٿي آيو: ۽ هن انهيءَ کي سلام ڪري چيو تہ جيئن منهنجي دل تنهنجيءَ دل سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل مون سان آهي يا نہ؟ ۽ يهوناداب ورندي ڏني تہ آهي. تڏهن هن چيس تہ جي ائين آهي تہ تون مون کي پنهنجو هٿ ڏي. ۽ هن کيس پنهنجو هٿ ڏنو؛ ۽ هن کيس چاڙهي پنهنجيءَ رٿ ۾ کڻي ويهاريو.


سلما جا پٽ؛ بيت الحم ۽ نطوفاتي، عطرات بيت يوآب ۽ منوختين جا اڌ ماڻهو، ۽ صرعي.


هاڻي دائود کي جيڪي پٽ حبرون ۾ ڄاوا، سي هي هئا: پهريون ڄاول امنون، جو اخينوعم يزرعيلي مان هو؛ ٻيو داني ايل، جو ابيجيل ڪرمليءَ مان هو؛


اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ يوناداب بن ريڪاب کي ڪڏهن بہ اهڙي ماڻهوءَ جي کوٽ نہ ٿيندي جو منهنجي اڳيان بيهي.


اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين ڏاها آهيون ۽ خداوند جي شريعت اسان وٽ آهي؟ پر ڏس، ڪاتبن جي ڪوڙي قلم ڪوڙ ڪمايا آهن.


۽ موسيٰ جي سالي قينيءَ جا پٽ، کجورين واري شهر مان، بني يهوداہ سان گڏجي، يهوداہ جي بيابان ۾ ويا، جو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي؛ ۽ هو وڃي انهن ماڻهن سان گڏ رهڻ لڳا.


هاڻي حبر قيني پاڻ کي قينين کان ڌار ڪيو هو، يعني موسيٰ جي سالي حباب جي پٽن کان: ۽ ضعننيم، جو قادس جي پاسي ۾ آهي، تنهن ۾ وڃي، شاهہ بلوط وٽ پنهنجو تنبو هنيو هئائين.


۽ سائول قينين کي چيو تہ وڃو، روانا ٿيو، ۽ عماليقين منجهان نڪري هيٺ وڃو، تہ متان آءٌ اوهان کي بہ هنن سان گڏ تباهہ ڪري ڇڏيان: ڇالاءِ جو اوهان بني اسرائيل کي سندن مصر مان نڪرڻ وقت مهرباني ڏيکاري. انهي طرح قيني عماليقين مان نڪري هليا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ