Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 2:50 - Sindhi Bible

50 ڪالب جا پٽ هي هئا: افراتہ جي پهريتي حور جو پٽ قريت يعريم جو پيءُ سوبل.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

50 هي پڻ ڪالب جو اولاد هئا: ڪالب کي افراتہ نالي زال مان پهريون پٽ حور هو. حور جي پٽ سوبل جنهن قريت‌يعريم شهر جو بنياد وڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 2:50
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ مدمناہ جو پيءُ شعف، ۽ مڪبينا جو پيءُ سيوا ڄڻيا، اهو سيوا جبع جو پيءُ هو. ۽ ڪالب جي ڌيءَ عڪسہ هئي.


۽ سلما، جو بيت الحم جو پيءُ هو، ۽ خارف، جو بيت جدر جو پيءُ هو.


۽ قريت يعريم جا گهراڻا؛ اتري، فوتي، سماتي، ۽ مسراعي؛ انهن مان صرعتي ۽ استاولي آيا.


يهوداہ جا پٽ؛ فارص، حصرون، ڪرمي، حور، سوبل.


۽ فنوايل، جو جدور جو پيءُ هو، ۽ عزر، جو حوسہ جو پيءُ هو، اهي آهن حور جا پٽ، جو افراتہ جو پهريون ڄاول ٻار هو، ۽ بيت الحم جو پيءُ هو.


قريٿ بعل، (جو قريٿ يعريم آهي)، ۽ ربہ، ٻہ شهر سندن ڳوٺن سميت.


پوءِ اُها سرحد ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ لهي نفتوح جي پاڻيءَ واري چشمي تائين آئي، ۽ وري چڙهي عفرون جبل جي شهرن ڏانهن ويئي؛ پوءِ اُها سرحد لهي بعلہ ڏانهن آئي، (جو قريٿ يعريم آهي).


پوءِ بني اسرائيل سفر ڪري اڳتي هليا، ۽ ٽئين ڏينهن هنن جي شهرن ۾ اچي داخل ٿيا. هاڻي هنن جا شهر جبعون، ۽ ڪفيرہ، ۽ بيروت، ۽ قريٿ يعريم هئا.


۽ جيڪي ماڻهو دروازي وٽ حاضر هئا تن سڀني، ۽ انهن بزرگن چيو تہ اسين شاهد آهيون. جيڪا زال تنهنجي گهر ۾ آئي آهي تنهن کي خداوند شل راخل ۽ لياہ جهڙي ڪري، جن ٻنهي اسرائيل جو گهر آباد ڪيو: ۽ تون افراتہ ۾ لياقت سان هلت ڪر، ۽ بيت الحم ۾ نالو ڪڍ؛


۽ قريت يعريم جا ماڻهو آيا، ۽ اُنهن خداوند جي صندوق کڻي ابينداب جي گهر آندي، جو ٽڪريءَ تي هو؛ ۽ انهي جي پٽ اليعزر کي خداوند جي صندوق جي سنڀال لاءِ خاص طرح پاڪ ڪيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ