Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 2:17 - Sindhi Bible

17 ۽ ابيجيل کي عماسا ڄائو: ۽ عماسا جو پيءُ يتر اسماعيلي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 ابيجيل اسماعيل جي اولاد مان يتر نالي شخص سان پرڻيل هئي، جنهن مان کيس عماسا ڄائو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 2:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابي سلوم يوآب جي بجاءِ عماسا کي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيو. هاڻي عماسا اترا نالي اسرائيليءَ جو پٽ هو، جو يوآب جي ماءُ، ضروياہ جي ڀيڻ ناحس جي ڌيءَ ابيجيل سان سُتو هو.


۽ اوهين عماسا کي چئو تہ تون منهنجو هڏ ۽ ماس ناهين ڇا؟ جيڪڏهن تون منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ يوآب جي بجاءِ لشڪر جو سردار نہ هجين، تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


۽ خداوند سندس خون خود سندس سر تي موٽائي وجهندو، ڇالاءِ جو هن ٻن اهڙن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي جي کانئس سچار ۽ بهتر هئا، ۽ انهن کي ترار سان قتل ڪيائين، ۽ منهنجي پيءُ دائود کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر ئي نہ پيئي، يعني ابنير بن نير، اسرائيل جي سپهہ سالار کي، ۽ عماسا بن يتر، يهوداہ جي سپهہ سالار کي.


تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب بن ضروياہ مون سان ڇا ڪيو، يعني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سردارن ابنير بن نير، ۽ عماسا بن يتر سان ڇا ڪيائين؛ جن کي هن ڪُٺو، ۽ صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين، ۽ جنگ وارو رت پنهنجي چيلهہ تي ٻڌل ڪمربند تي، ۽ پنهنجن پيرن ۾ پيل جُتيءَ تي وڌائين.


تڏهن عماسيءَ، جو ٽيهن جو سردار هو، تنهن تي روح نازل ٿيو ۽ اهو چوڻ لڳو تہ اي دائود، اسين تنهنجا آهيون، ۽ اي يسيءَ جا پٽ، اسين تنهنجي پاسي آهيون: توتي سلامتي، سلامتي هجي، ۽ تنهنجن مددگارن تي سلامتي هجي؛ ڇالاءِ جو تنهنجو خدا توکي مدد ٿو ڪري. تڏهن دائود انهن جي مرحبا ڪئي ۽ انهن کي ٽولين جا سردار ڪيائين.


۽ انهن جون ڀينرون هيون ضروياہ ۽ ابيجيل. ۽ ضروياہ جا پٽ؛ ابي شئي، ۽ يوآب، ۽ عساهيل، ٽي ڄڻا.


۽ ڪالب بن حصرون کي سندس زال عزوبہ مان، ۽ يريعوت مان، پٽ پيدا ٿيا: ۽ انهيءَ جا پٽ هي هئا؛ يشر ۽ سوباب، ۽ اردون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ