Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 2:12 - Sindhi Bible

12 ۽ بوعز کي عوبيد ڄائو، ۽ عوبيد کي يسي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 بوعز جو پٽ عوبيد ۽ عوبيد جو پٽ يسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 2:12
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند کان نہ پڇيائين: تنهنڪري هن انهيءَ کي ماري وڌو ۽ بادشاهي ڦيرائي دائود بن يسيءَ کي ڏيئي ڇڏي.


۽ نحسون کي سلما ڄائو، ۽ سلما کي بوعز؛


۽ يسيءَ جو پهريون ڄاول ٻار هو الياب، ۽ ٻيو ابينداب، ۽ ٽيون سمع؛


۽ يسيءَ جي ٿُڙ مان هڪڙو ڏار نڪرندو، ۽ ان جي پاڙن مان ڦر نڪرندو:


۽ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يسيءَ جي پاڙ، جا قومن ۾ نشان جي بجاءِ کڙي ٿيندي، تنهن کي قومون ڳولينديون؛ ۽ هن جي آرام جي جاءِ جلال واري ٿيندي.


۽ سلمون مان راحاب جي پيٽان بوعز پيدا ٿيو: ۽ بوعز مان روٿ جي پيٽان عوبيد پيدا ٿيو: ۽ عوبيد مان يشي پيدا ٿيو:


۽ اُهو يشيءَ جو، ۽ اُهو عوبيد جو، ۽ اُهو بوعز جو، ۽ اُهو سلمون جو، ۽ اُهو نحشون جو،


۽ جڏهن اُنهي کي برطرف ڪيائين، تڏهن دائود کي سندن بادشاهہ بنايائين؛ ۽ هيءَ شاهدي ڏيئي چيائين، تہ مون کي هڪڙو ماڻهو، يسيءَ جو پٽ دائود، پنهنجي دل وٽان مليو آهي، جو سڀ ڪنهن طرح منهنجيءَ مرضيءَ تي هلندو.


۽ وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو، تہ ”يسيءَ جي پاڙ ڦٽندي، يعني اهو شخص غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ايندو، جنهن تي غير قومون اُميد رکنديون.“


۽ عوبيد مان يسي پيدا ٿيو، ۽ يسيءَ مان دائود پيدا ٿيو.


۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڪيستائين تون سائول جي لاءِ افسوس ڪندين، جڏهن ڏسين ٿو تہ مون هن کي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي؟ پنهنجو سڱ تيل سان ڀر ۽ وڃ، آءٌ توکي بيت لحم واري يسيءَ ڏي موڪليندس: ڇالاءِ جو مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي لاءِ بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ