1 اسرائيل جا پٽ هي آهن؛ روبن، شمعون، لاوي ۽ يهوداہ، اشڪار ۽ زبولون؛
1 اسرائيل يعني يعقوب جا پٽ هي آهن: روبن، شمعون، لاوي، يهوداہ، اِسڪار، زبولون،
۽ هن چيو تہ اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ، پر اسرائيل سڏبو؛ ڇالاءِ جو تو خدا ۽ ماڻهن سان زور آزمائي ڪئي آهي، ۽ غالب پيو آهين.
جڏهن هوءَ مرڻ تي هئي، تڏهن ساهہ نڪرڻ مهل هن جو نالو بنوني رکيائين ۽ پوءِ مري ويئي: پر يعقوب هن جو نالو بنيمين رکيو.
اي يعقوب جو اولاد، اوهين اچي گڏ ٿيو ۽ ٻڌو، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي ڳالهہ ڏانهن ڪن ڏيو.
سردار مجدايل، سردار عرام. اهي آهن ادوم جا سردار.
دان، يوسف، ۽ بنيمين، نفتالي، جد ۽ آشر.
۽ روبن، جو اسرائيل جو پهريون ڄاول ٻار هو، تنهن جا پٽ، (ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو پهريون ڄاول ٻار هو، تہ بہ پنهنجي پيءُ جي بستري پليت ڪرڻ ڪري هن جي ڄم ڄائي جو حق، اسرائيل جي پٽ يوسف جي پٽن کي ڏنو ويو، ۽ انهيءَ جو نسب نامو ڄم ڄائي جي حق موجب نہ ورتو ويو.
۽ يهوداهہ مان تمر جي پيٽان فارص ۽ زرح پيدا ٿيا: ۽ فارص مان حصرون پيدا ٿيو: ۽ حصرون مان رامہ پيدا ٿيو: