Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 19:6 - Sindhi Bible

6 ۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ هنن پاڻ کي دائود جي نظر ۾ نفرتي ڪيو آهي، تڏهن حنون ۽ بني عمون مسوپتاميہ، ۽ ارام معڪہ، ۽ ضوباہ مان رٿ ۽ گهوڙي سوار ڀاڙي ڪرڻ لاءِ هڪ هزار چانديءَ جا قنطار موڪليا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود هنن کان نفرت ڪرڻ لڳو آهي، تڏهن حنون ۽ بني عمون وارن مسوپتاميہ ۽ ارام ملڪ جي صوبن معڪہ ۽ ضوباہ مان جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار ڀاڙي تي ڪرڻ لاءِ چوٽيهہ هزار ڪلوگرام چاندي موڪلي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 19:6
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب، شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ اوهان مون کي تڪليف ۾ وڌو آهي، ۽ هن ملڪ جي رهاڪن، يعني ڪنعانين ۽ فرزين ۾، مون کي ڪراهت جهڙو ڪيو اٿوَ: اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، تنهنڪري هو سڀ پاڻ ۾ گڏ ٿي، مون تي ڪاهي ايندا، ۽ مون کي ماري وجهندا، ۽ آءٌ ۽ منهنجو خاندان تباهہ ٿي وينداسين.


۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود اسان سان نفرت ٿو ڪري، تڏهن بني عمون ماڻهو موڪلي بيت رحوب جا ارامي، ۽ ضوباہ جا ارامي، ويهہ هزار پيادا، ۽ معڪہ جو بادشاهہ هڪ هزار ماڻهن سان، ۽ طوب جا ٻارهن هزار ماڻهو، اُجوري تي گهرائي ورتا.


دائود ضوباہ جي بادشاهہ هدد عزر، بن رحوب کي بہ شڪست ڏني، جڏهن هو فرات نديءَ واري ملڪ کي موٽائي هٿ ڪرڻ لاءِ پئي ويو.


۽ جڏهن دمشق جا ارامي ضوباہ جي بادشاهہ هدرعزر کي مدد ڏيڻ لاءِ آيا، تڏهن دائود انهن مان ٻاويهہ هزار ارامي ماريا.


۽ جڏهن حمات جي بادشاهہ توعو ٻڌو تہ دائود ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر جي ساريءَ فوج کي ماريو آهي،


تڏهن ڪن وڃي دائود کي ٻڌايو تہ انهن سان ڪهڙو حال ڪيو ويو آهي. ۽ هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا ٿيا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن ۽ پوءِ موٽي اچجو.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ اخي اب يهوداہ جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ تون مون سان گڏجي رامات جلعاد ڏي هلندين يا نہ؟ هن ورندي ڏني تہ جهڙو تون آهين تهڙو آءٌ آهيان، ۽ منهنجا ماڻهو اهڙا آهن جهڙا تنهنجا؛ ۽ اسين توسان جنگ ۾ شامل ٿينداسين.


تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ چار سؤ نبي گڏ ڪيا، ۽ انهن کي چيائين تہ اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد ڏانهن وڃون، يا آءٌ ماٺ ڪري ويهي رهان؟ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خدا انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.


هاڻي اسرائيل جو بادشاهہ، ۽ يهوسفط يهوداہ جو بادشاهہ، پنهنجي پنهنجي تخت تي پنهنجي پوشاڪ ڍڪيو، سامريہ جي دروازي جي لنگهہ وٽ هڪڙي کليل جاءِ تي ويٺا هئا؛ ۽ سڀني نبين انهن جي اڳيان پيشنگوئي پئي ڪئي.


۽ هن چانديءَ جا هڪ سؤ قنطار ڏيئي اسرائيل مان هڪ لک همت وارا بهادر مرد بہ ڀاڙي ڪيا.


هو بني عمون جي بادشاهہ سان بہ وڙهيو ۽ انهن تي غالب ٿيو. ۽ انهيءَ ساڳي سال ۾ بني عمون هن کي چانديءَ جا هڪ سؤ قنطار ۽ ڏهہ هزار ڪڻڪ جا ماڻ ۽ ڏهہ هزار جوَن جا ماڻ ڏنا. ايترو ئي ٻئي سال ۾، ۽ ايترو ئي ٽئين سال ۾، بني عمون هن کي پهچائي ڏنو.


اهي سڀ گمراهہ ٿيا آهن، ۽ سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن، نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي.


هو زمين جي ڇيڙي تائين جنگيون بند ٿو ڪرائي: هو ڪمان کي ڀڃي ٿو ۽ ڀالي کي ٽڪر ٽڪر ٿو ڪري: هو جنگي گاڏين کي باهہ ۾ ساڙيو ڇڏي.


۽ انهن کي چيائون تہ شل خدا اوهان کي ڏسي، ۽ اوهان جو انصاف ڪري، ڇالاءِ جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ اهڙو نفرتي ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ هنن جي هٿ ۾ ترار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.


۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.


تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.


۽ سڀني اسرائيلين اها خبر ٻڌي تہ سائول فلستين جي قلعي واري فوج کي ماريو آهي، ۽ اسرائيل ڏانهن فلستين کي نفرت آهي، ۽ ماڻهو سائول جي پٺيان جلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.


هاڻي جڏهن سائول کي اسرائيل تي بادشاهي ملي تڏهن هو هر طرف پنهنجن سڀني دشمنن سان وڙهيو، يعني موآب سان، بني عمون سان، ادوم سان، ۽ ضوباہ جي بادشاهن سان، ۽ فلستين سان: ۽ جنهن پاسي هن منهن ٿي ڪيو، انهي پاسي انهن کي شڪست ٿي ڏنائين.


۽ اڪيس دائود تي ويساهہ آندو، ۽ چيائين تہ هو پنهنجي قوم اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جهڙو ٿي پيو آهي؛ تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ