Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 19:4 - Sindhi Bible

4 تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن حنون دائود جي قاصدن کي پڪڙي انهن جون ڏاڙهيون مڇون ڪوڙائي ڇڏيون ۽ سندن ڪپڙا وچان ويهڪ جي جاءِ تائين ڦاڙائي ڇڏيا ۽ پوءِ کين روانو ڪري ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 19:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بني عمون جي سردارن حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ تو ڏانهن ماڻهو موڪليا اٿس؟ هي سندس نوڪر تو وٽ انهيءَ ڪم لاءِ نہ آيا آهن ڇا تہ تلاشي وٺي ۽ جاسوسي ڪري ملڪ کي ناس ڪن؟


تڏهن ڪن وڃي دائود کي ٻڌايو تہ انهن سان ڪهڙو حال ڪيو ويو آهي. ۽ هن انهن کي گڏجڻ لاءِ ماڻهو موڪليا؛ ڇالاءِ جو اهي ماڻهو ڏاڍا شرمندا ٿيا هئا. ۽ بادشاهہ چيو تہ اوهين يريحو ۾ ترسي پئو، جيسين ڪ اوهان جون ڏاڙهيون وڌن ۽ پوءِ موٽي اچجو.


پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


اُهي مون سان نيڪيءَ جي بدران بدي ٿا ڪن، جنهن ڪري منهنجي جان لاچار ٿيو پوي.


بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي.


تيئن اسور جو بادشاهہ مصر جا قيدي ۽ ڪوش جا جلاوطن، ننڍا توڙي وڏا، اُگهاڙا ڪري ۽ پيرين اُگهاڙا، ۽ اڻ ڍڪلين ٻنڊڙن سان وٺي ويندو، جنهن ڪري مصر جي خواري ٿيندي.


ڪي ماڻهو يعني اسي ڄڻا، سڪم ۽ سيلا ۾ سامريہ مان آيا، جن جون ڏاڙهيون ڪوڙيل هيون، ۽ ڪپڙا ڦاٽل هئا، ۽ جن پاڻ کي وڍ وڌا هئا، ۽ نذرانا ۽ لوبان سندن هٿ ۾ هئا، انهي لاءِ تہ اُهي خداوند جي گهر ۾ آڻين.


ڇالاءِ جو سڀڪو مٿو گنجو آهي، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي! سڀني هٿن تي وڍ آهن، ۽ چيلهين تي کٿا آهن.


اوهين پنهنجي مٿي جي وارن جون نؤڪون ڪوڙائي گول نہ ڪجو، نڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ جون ڪنڊون بگاڙجو.


۽ وري هن انهن ڏانهن ٻيو نوڪر موڪليو، ۽ هنن انهي جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو، ۽ جُٺ ڪيائونس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ