Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 19:3 - Sindhi Bible

3 پر بني عمون جي سردارن حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ تو ڏانهن ماڻهو موڪليا اٿس؟ هي سندس نوڪر تو وٽ انهيءَ ڪم لاءِ نہ آيا آهن ڇا تہ تلاشي وٺي ۽ جاسوسي ڪري ملڪ کي ناس ڪن؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن بني عمون جي اڳواڻن حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ دائود همدرديءَ لاءِ هي ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان وڌايو آهي؟ ڇا هن جا هي ماڻهو اوهان وٽ انهيءَ لاءِ نہ آيا آهن تہ هو جاسوسن وانگر هن ملڪ جو حال معلوم ڪن ۽ پوءِ مٿس قبضو ڪن؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 19:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بني عمون جي سردارن پنهنجي ڌڻي حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي، ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ توڏي ماڻهو موڪليا اٿس؟ دائود پنهنجا نوڪر توڏي انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن ڇا تہ شهر جي تلاشي وٺي، ۽ انهيءَ جي جاسوسي ڪري، ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري؟


۽ دائود چيو تہ آءٌ حنون بن ناحس کي مهرباني ڏيکاريندس، ڇالاءِ جو سندس پيءُ مون کي مهرباني ڏيکاري هئي. تنهنڪري دائود قاصد موڪلي هن کي سندس پيءُ جي نسبت ۾ معذرت چوائي موڪلي. ۽ دائود جا نوڪر بني عمون جي ملڪ ۾ حنون وٽ آيا تہ کيس تسلي ڏين.


تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪيائين.


۽ بني دان پنهنجي سڄي قبيلي مان پنج همت وارا ماڻهو، صرعہ ۽ استال مان، جاسوس ڪري موڪليا تہ زمين ڳولي ڏسي اچن، ۽ انهن کي چيائون تہ وڃي زمين ڳوليو، ۽ هو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آيا، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ اچي ٽڪيا.


پر فلستين جا سردار هن تي ڪاوڙيا؛ ۽ فلستين جي سردارن هن کي چيو تہ انهي ماڻهو کي موٽائي، تہ هو وري اُنهي هنڌ وڃي جتي تو هن کي مقرر ڪيو آهي، ۽ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي: ڇالاءِ جو ڪهڙيءَ طرح هي شخص پنهنجي ڌڻي سان ٺاهہ ڪندو؟ هنن ماڻهن جي سسين سان تہ نہ ڪندو؟


۽ اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ مون کي خبر آهي تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي هڪڙي فرشتي جهڙو چڱو آهين: انهي هوندي بہ فلستين جي سردارن چيو آهي تہ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ