Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 19:16 - Sindhi Bible

16 ۽ جڏهن ارامين ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿئون، تڏهن قاصد موڪلي فرات نديءَ جي پار جيڪي ارامي هئا تن کي سوفڪ، هدرعزر جي سپهہ سالار جي منهنداريءَ هيٺ گڏ ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جڏهن ارامين ڏٺو تہ هو بني اسرائيل جي اڳيان شڪست کائي چڪا آهن، تڏهن هنن قاصد موڪلي فرات نديءَ جي اوڀر طرف وارن ارامي جنگي جوڌن کي هددعزر جي لشڪر جي سپهہ‌سالار سوبڪ جي هٿ هيٺ آڻي گڏ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 19:16
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هدد عزر ماڻهو موڪلي، جيڪي ارامي فرات نديءَ جي هن ڀر هئا تن کي گهرائي ورتو: ۽ اهي حلام ۾ آيا، ۽ سوبڪ، جو هدد عزر جو سپهہ سالار هو، سو سندن مهندار ٿيو.


۽ جڏهن بني عمون ڏٺو تہ ارامي ڀڳا آهن، تڏهن هو بہ سندس ڀاءُ ابيشي جي اڳيان اُٿي ڀڳا، ۽ شهر ۾ گهڙي ويا. تڏهن يوآب يروشلم ۾ آيو.


۽ ماڻهن دائود کي اها خبر ڏني، ۽ هن سڀيئي اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ هو يردن لنگهي هنن تي اچي پيو ۽ صفون ٻڌي جنگ ڪرڻ لڳو. انهيءَ طرح جڏهن دائود ارامين جي سامهون صفون ٻڌي جنگ ڪئي، تڏهن هو ساڻس وڙهڻ لڳا.


قومون ڇو ٿيون ڪاوڙجن، ۽ ماڻهو اجايا خيال ڇو ٿا ڪن؟


اي قومون هل مچايو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿي وينديون؛ ۽ پرانهن ملڪن وارا اوهين سڀيئي ڪن ڏيو: پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڄي پرزا پرزا ٿيندا؛ پنهنجي چيلهہ ٻڌو، پر اوهين ڀڃي پرزا پرزا ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ