7 ۽ هدرعزر جي نوڪرن وٽ جيڪي سون جون سپرون هيون سي دائود هٿ ڪري يروشلم ۾ آنديون.
7 هددعزر جي عملدارن جيڪي سون جون ڍالون آنديون هيون، سي دائود يروشلم ۾ کڻي آيو.
۽ ڪاهن، انهن سوَن جي سردارن کي بادشاهہ دائود جا نيزا ۽ سپرون، جي خداوند جي گهر ۾ موجود هيون، سي ڏنيون.
تڏهن دائود ارام جي دمشق ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.
۽ هدرعزر جي شهرن طبخت ۽ ڪون مان دائود تمام گهڻو پتل هٿ ڪيو، جنهن سان سليمان پلٽيل سمنڊ، ۽ ٿنڀ، ۽ پتل جا ٿانوَ جوڙايا.