16 ۽ صدوق بن اخيطوب، ۽ ابيملڪ بن ابياتر ڪاهن هئا؛ ۽ شوشا، محرر هو؛
16 صدوق ولد اخيطوب ۽ ابيملڪ ولد ابيياتر ڪاهن هئا، شراياہ شاهي محرر هو،
۽ سوا محرر هو: ۽ صدوق ۽ ابياتر ڪاهن هئا:
۽ صدوق بن اخيطوب، ۽ اخيملڪ بن ابي ياتر ڪاهن هئا؛ ۽ شراياہ محرر هو؛
۽ بادشاهہ بناياہ بن يهويدع کي هن جي جاءِ تي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيو: ۽ صدوق ڪاهن کي بادشاهہ ابياتر جي جاءِ تي رکيو.
سيسہ جا پٽ اليحورف ۽ احياہ جي منشي هئا؛ يهوسفط بن اخيلود، دفتردار؛
۽ يوآب بن ضروياہ لشڪر جو سردار هو؛ ۽ يهوسفط بن اخيلود دفتردار هو:
۽ بناياہ بن يهويدع ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو؛ ۽ دائود جا پٽ بادشاهہ جي چوڌاري مکيہ هئا.
۽ دائود اليعزر جي پٽن مان صدوق کي، ۽ اتمر جي پٽن مان اخي ملڪ کي، انهن جي خدمت مطابق ورهايو:
۽ سمعياہ بن نتني ايل محرر، جو لاوين مان هو، تنهن بادشاهہ، ۽ سردارن، ۽ صدوق ڪاهن، ۽ اخي ملڪ بن ابياتر، ۽ ڪاهنن ۽ لاوين جي اباڻي گهراڻي جي سردارن جي روبرو اهي لکيا: جڏهن اليعزر جو هڪڙو اباڻو گهراڻو کنيو ويو، تڏهن اتمر جو بہ هڪڙو اباڻو گهراڻو کنيو ويو.
۽ اخيملڪ بن اخيطوب جي پٽن مان هڪڙو، جنهن جو نالو ابي ياتر هو سو ڀڄي نڪتو، ۽ دائود وٽ ڀڄي ويو.