Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 18:13 - Sindhi Bible

13 ۽ هن ادوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 هن سڄي ادوم ۾ فوجي چونڪيون قائم ڪيون ۽ سڀ ادومي سندس تابعدار ٿي پيا. دائود جيڏانهن بہ ٿي ويو اوڏانهن خداوند کيس فتح ٿي بخشي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 18:13
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند چيس تہ تنهنجي پيٽ ۾ ٻہ قومون آهن، ۽ ٻہ امتون تنهنجي پيٽ مان ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون: ۽ هڪڙي اُمت ٻيءَ کان زور واري ٿيندي؛ ۽ وڏي ننڍيءَ جي خدمت ڪندي.


شل اُمتون تنهنجي خدمت ڪن، ۽ قومون تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. شل تون پنهنجي ڀائرن جو سردار ٿين ۽ تنهنجيءَ ماءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائين. جيڪو تو تي لعنت ڪري سو لعنتي ٿئي، ۽ جيڪو توکي برڪت ڏئي سو مبارڪ ٿئي.


۽ اسحاق عيسوءَ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، مون هن کي تنهنجو مالڪ ٺهرايو آهي، ۽ سندس سڀيئي ڀائر کيس نوڪر ڪري ڏنا اٿم؛ هاڻي منهنجا پٽ، آءٌ تولاءِ ڇا ڪريان؟


تون پنهنجيءَ ترار جي زور تي حياتي گذاريندين، ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ڪندين: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون زور وٺي آزاد ٿيندين، تڏهن پنهنجي ڀاءُ جي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ تان لاهي ڇڏيندين.


۽ دائود تڏهن ڪوٽ ۾ هو، ۽ فلستين جو پهري وارو لشڪر تڏهن بيت الحم ۾ هو.


ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود ادوم ۾ هو، ۽ يوآب سپهہ سالار، قتل ٿيلن کي دفن ڪرڻ لاءِ ويو، ۽ ادوم ۾ سڀني مرد ماڻهن کي ماري چٽ ڪيائين:


انهيءَ کانسواءِ ابيشي بن ضروياہ ارڙهن هزار ادومي، لوڻ جي واديءَ ۾ ماريا.


۽ دائود ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي؛ ۽ پنهنجيءَ ساريءَ قوم جو عدل ۽ انصاف ڪيائين.


تڏهن دائود ارام جي دمشق ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.


خداوند توکي سڀ ڪنهن برائيءَ کان سنڀاليندو؛ هو تنهنجي جان جي سنڀال ڪندو.


اُهو ئي آهي جو بادشاهن کي نجات ٿو ڏئي: هو پنهنجي بندي دائود کي ڏکوئيندڙ ترار کان بچائي ٿو.


هن جا دشمن، ادوم ۽ شعير، ٻئي هن جي قبضي ۾ ايندا، ۽ اسرائيل بهادري ڪندو.


دمشق ۾، اريتاس بادشاهہ جي پاران اُتي جي حاڪم مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ دمشقين جي شهر تي پهرو بيهاريو هو،


انهي کان پوءِ تون خدا جي ٽڪريءَ تي اچج، جتي فلستين جي پهري وارو شهر آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون شهر ۾ ايندين، تڏهن توکي بنيمين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جا سنطرو، ۽ دف، ۽ بانسري، ۽ بربط پنهنجي اڳيان کنيو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ کان هيٺ لهندي ايندي؛ ۽ اُهي نبوت ڪندا:


۽ فلستين جي قلعي جي فوج، جا جبعہ ۾ هئي، تنهن کي يونتن ماريو، ۽ فلستين اها ڳالهہ ٻڌي، ۽ سائول قرناءِ وڄارائي سڄي ملڪ ۾ پڌرائي ڪرائي، ۽ چوايو تہ ڀلي عبراني ٻڌن.


هاڻي هڪڙي ڏينهن هيئن ٿيو تہ سائول جي پٽ يونتن پنهنجي زرهہ بردار جوان کي چيو تہ اچ تہ هن پاسي فلستين جي قلعي واري فوج ڏي هلون. پر اها ڳالهہ هن پنهنجي پيءُ کي نہ ٻڌائي.


۽ دائود هميشہ ڏاهپ سان هلت ڪندو هو؛ ۽ خداوند ساڻس هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ