Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 18:11 - Sindhi Bible

11 اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا جي هن ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون، ۽ بني فلستين، ۽ بني عماليق، يعني سڀني قومن مان هٿ ڪيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا، جيڪي هن سڀني قومن يعني ادومين، موآبين، بني عمون، فلستين ۽ عماليقين مان هٿ ڪيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 18:11
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ جيڪو ڪم سليمان ڪرايو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اُهي شيون کڻي آيو جي سندس پيءُ دائود مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ باسڻ، اُهي هن خداوند جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوآس اُهي سڀ پاڪ شيون هٿ ڪيون، جي سندن ابن ڏاڏن، يهوداہ جي بادشاهن يهوسفط، ۽ يهورام، ۽ اخزياہ وقف ڪيون هيون، ۽ پنهنجون وقف ڪيل شيون بہ، ۽ جيڪو بہ سون خداوند جي گهر، ۽ بادشاهہ جي گهر جي خزانن ۾ لڌو، سو سڀ هٿ ڪري ارام جي بادشاهہ حزائيل ڏانهن ڏياري موڪليائين: پوءِ هو يروشلم مان نڪري هليو ويو.


تڏهن هن پنهنجي پٽ هدورام کي بادشاهہ دائود ڏانهن موڪليو تہ سندس سلام ڪري، ۽ کيس دعا ڪري، ڇو جو هو هدرعزر سان وڙهيو هو، ۽ انهيءَ کي ماريو هئائين؛ ڇالاءِ جو هدرعزر توعو سان جنگيون ڪيون هيون؛ ۽ هدورام پاڻ سان سون، چانديءَ ۽ پتل جا هر ڪنهن قسم جا ٿانوَ آندا.


انهيءَ کانسواءِ ابيشي بن ضروياہ ارڙهن هزار ادومي، لوڻ جي واديءَ ۾ ماريا.


هاڻي ڏس، تہ مون ڏاڍي مشقت سان خداوند جي گهر لاءِ هڪ لک قنطار سون جا، ۽ ڏهہ لک قنطار چانديءَ جا، ۽ بي انداز پتل ۽ لوهہ تيار ڪيو آهي؛ جو ججهو آهي؛ ڪاٺ ۽ پٿر بہ مون تيار ڪيو آهي؛ ۽ تون انهيءَ کي وڌائي سگهين ٿو.


۽ لاوين مان اخياہ خدا جي گهر جي خزانن ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جي مٿان هو.


پر آءٌ ڪير آهيان، ۽ منهنجي قوم ڪير آهي، جو اسين هن طرح رضامنديءَ سان نذرانو ڏيون؟ ڇالاءِ جو سڀ شيون تو وٽان آهن، ۽ تنهنجي ئي شين مان اسان توکي ڏنو آهي.


انهيءَ طرح جيڪو ڪم سليمان خداوند جي گهر لاءِ ٿي ڪيو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اهي شيون اندر آنديون، جي سندس پيءُ دائود وقف ڪيون هيون؛ يعني چاندي، ۽ سون، ۽ سڀ باسڻ، ۽ اهي هن خدا جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.


اوهين خداوند جي لاءِ نذرانو کڻي اچو، جيڪو پنهنجيءَ دل جي خوشيءَ سان ڏيڻ چاهي، سو خداوند جي لاءِ نذرانو آڻي؛ سون، چاندي، پتل؛


اي صيون جي ڌيءَ، اُٿي ڳاهہ: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي سڱ کي لوهہ وانگر ڪندس ۽ تنهنجي کرن کي پتل، ۽ تون گهڻين قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندينءَ، ۽ انهن جو مال خداوند جي نذر ڪندينءَ ۽ انهن جي دولت سڄي زمين جي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪندينءَ.


پر سڀ روپو، سون، ۽ پتل ۽ لوهہ جا ٿانوَ، خداوند جي لاءِ خاص طرح پاڪ ٿيل آهن: اُهي خداوند جي خزاني ۾ ايندا.


پوءِ هنن انهي شهر کي، جيڪي منجهس هو تنهن سميت باهہ سان ساڙي ڇڏيو: فقط روپو، ۽ سون، ۽ پتل، ۽ لوهہ جا ٿانوَ هنن خدا جي گهر جي خزاني ۾ آندا.


۽ دائود هن کي چيو تہ تون ڪنهن جو ماڻهو آهين؟ ۽ ڪٿان ٿو اچين؟ تڏهن هن چيو تہ آءٌ مصر جو هڪڙو جوان آهيان، ۽ هڪڙي عماليقي جو غلام آهيان؛ ۽ منهنجو ڌڻي مون کي ڇڏي هليو ويو، جو ٽيون ڏينهن آءٌ بيمار ٿي پيس.


۽ دائود سڀ ڌڻ ۽ گلا هٿ ڪيا، جي هنن ٻئي چوپائي مال جي اڳيان ڪاهي کنيا هئا، ۽ چيائين تہ هي دائود جو لٽيل مال آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ