Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 18:10 - Sindhi Bible

10 تڏهن هن پنهنجي پٽ هدورام کي بادشاهہ دائود ڏانهن موڪليو تہ سندس سلام ڪري، ۽ کيس دعا ڪري، ڇو جو هو هدرعزر سان وڙهيو هو، ۽ انهيءَ کي ماريو هئائين؛ ڇالاءِ جو هدرعزر توعو سان جنگيون ڪيون هيون؛ ۽ هدورام پاڻ سان سون، چانديءَ ۽ پتل جا هر ڪنهن قسم جا ٿانوَ آندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن توغيءَ پنهنجي پٽ يورام کي دائود بادشاهہ ڏانهن موڪليو تہ کيس وڃي سلام چوي ۽ هددعزر کي جنگ ۾ شڪست ڏيڻ جي کيس مبارڪ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هددعزر توغيءَ سان وڙهندو رهندو هو. يورام پاڻ سان گڏ هر قسم جا سون، چانديءَ ۽ پتل جا ٿانوَ کڻي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 18:10
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن توغي پنهنجي پٽ يورام کي بادشاهہ دائود ڏي موڪليو تہ کيس سلام دعا ڪري، ڇالاءِ جو هو هدد عزر سان وڙهيو هو، ۽ انهيءَ کي ماريو هئائين: ڇالاءِ جو هدد عزر توغيءَ سان جنگيون ڪيون هيون. ۽ يورام پاڻ سان چانديءَ جا باسڻ، ۽ سون جا باسڻ، ۽ پتل جا باسڻ آندا:


اهي بہ بادشاهہ دائود انهيءَ چانديءَ ۽ سون سان گڏ خداوند لاءِ وقف ڪيا جي هن ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون، ۽ بني فلستين، ۽ بني عماليق، يعني سڀني قومن مان هٿ ڪيا هئا.


۽ جڏهن حمات جي بادشاهہ توعو ٻڌو تہ دائود ضوباہ جي بادشاهہ هددعزر جي ساريءَ فوج کي ماريو آهي،


جڏهن سبا جي راڻيءَ سليمان جي ناموس ٻڌي، تڏهن هوءَ مشڪل سوالن سان سليمان جي امتحان وٺڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي، ۽ ساڻس وڏو ساٿ هو، يعني مصالحن کڻڻ وارا اُٺ، ۽ نهايت گهڻو سون، ۽ قيمتي جواهر هئا؛ ۽ جڏهن هوءَ سليمان وٽ آئي تڏهن جيڪي دل ۾ هوس سو هن کي بيان ڪري ٻڌايائين.


انهي وقت بابل جي بادشاهہ مرودڪ بلدان بن بلدان، حزقياہ ڏانهن تحفو ۽ ڪي خط موڪليا: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو بيمار هو، ۽ هاڻي ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ