Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:9 - Sindhi Bible

9 ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس، ۽ انهن کي اهڙو ڄمائيندس جو هو پنهنجيءَ جاءِ تي رهندا ايندا ۽ وري اتان نہ چرندا؛ ۽ شرير ماڻهو جيئن اڳي هنن کي ناس ڪندا هئا تيئن وري نہ ڪندا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس ۽ انهن کي اهڙو ڄمائيندس، جو هو انهي جاءِ تي رهندا ايندا ۽ وري اتان نہ چرندا. بدڪار ماڻهو انهن کي وري اهڙيون تڪليفون نہ ڏيئي سگھندا، جهڙيون شروعاتي ڏينهن ۾ ڏيندا هئن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:9
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيئن انهن ڏينهن ۾ ٿيندو هو، جڏهن مون قاضي مقرر ڪيا تہ منهنجي قوم اسرائيل تي حڪم هلائين؛ ۽ آءٌ تنهنجن سڀني دشمنن کي شڪست ڏيندس. تنهن کانسواءِ آءٌ توکي چوان ٿو تہ خداوند تنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو.


۽ جيڏانهن تون ويندو هئين، اوڏانهن آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.


تو پنهنجي هٿ سان ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ کين آباد ڪيو؛ تو قومن کي تباهہ ڪيو، ۽ انهن کي پکيڙي ڇڏيو.


ڪو دشمن مٿس ظلم نہ ڪندو؛ ۽ بڇڙو ماڻهو کيس ڪين ڏکوئيندو.


جيڪي خداوند جي گهر ۾ لڳايا ويا آهن، سي اسان جي خدا جي ايوان ۾ وڌندا ويجهندا.


۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو.


تنهنجا ٻار تڪڙ ٿا ڪن؛ تنهنجا برباد ڪندڙ، ۽ جن توکي ويران ڪيو آهي، سي تو مان نڪري ويندا.


تنهنجي ملڪ ۾ وري ظلم زبردستي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي، نڪي تنهنجين سرحدن ۾ ويراني ۽ بربادي ٻڌڻ ۾ ايندي؛ پر تون پنهنجين ڀتين کي نجات، ۽ پنهنجن دروازن کي تعريف سڏيندينءَ.


جيڪي صيون ۾ ماتم ٿا ڪن تن لاءِ اهو ٺهرايان تہ انهن کي رک جي بدران گلن جو ڇٽ، ۽ ماتم جي بدران خوشيءَ جو تيل، ۽ دل جي ڏک جي بدران تعريف جي پوشاڪ ڏيان؛ تہ اهي راستبازيءَ جا وڻ، ۽ خداوند جا پوکيل سڏجن، جنهن ڪري هن جو جلال ظاهر ٿئي.


ڇالاءِ جو آءٌ هنن تي چڱائي لاءِ پنهنجي نظر رکندس ۽ انهن کي موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس: ۽ آءٌ انهن کي اڏيندس ۽ ڊاهي ڪين ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي ڄمائيندس ۽ پٽي ڪين ڇڏيندس.


هائو هنن سان چڱائيءَ ڪرڻ لاءِ آءٌ هنن تي راضي رهندس، ۽ يقيناً آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل ۽ پنهنجي سموري روح سان هنن کي هن زمين تي ڄمائيندس.


پنهنجي ڏاهپ ۽ پنهنجي سمجهہ سان تو دولت هٿ ڪئي آهي، ۽ پنهنجن خزانن ۾ سون ۽ روپو موجود ڪيو اٿيئي.


۽ آءٌ انهن کي قومن منجهان ڪڍندس، ۽ ملڪن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ انهن کي سندن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ۽ انهن کي اسرائيل جي جبلن تي پاڻيءَ جي نهرن جي ڪنارن تي ۽ ملڪ جي سڀني آباد جاين تي چاريندس.


۽ جيڪا زمين مون پنهنجي ٻانهي يعقوب کي ڏني آهي، ۽ جنهن ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا رهندا هئا، تنهن ۾ هو رهندا؛ ۽ انهي ۾ هو ۽ سندن اولاد، ۽ سندن اولاد جو اولاد هميشہ لاءِ رهندو: ۽ منهنجو ٻانهو دائود هميشہ لاءِ هنن جو بادشاهہ ٿيندو.


۽ خداوند تنهنجو خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن کي وري سندن ملڪ ۾ ڄمائيندس، ۽ جو ملڪ مون کين ڏنو آهي، تنهن مان اڳتي ڪڏهن بہ هو اُکيڙيا نہ ويندا.


متان ڪو ماڻهو اوهان کي اجاين ڳالهين ڪرڻ سان ٺڳي وڃي، ڇالاءِ جو اهڙن گناهن ڪري نافرمانيءَ جي فرزندن تي خدا جو غضب نازل ٿو ٿئي.


۽ سندن اکين مان سڀ ڳوڙها اُگهي ڇڏيندو، ۽ موت ٿيندو ئي ڪونہ، نڪو وري ماتم ٿيندو؛ ۽ نڪو روئڻ نڪو سور: پهريون حالتون گذري ويون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ