Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:8 - Sindhi Bible

8 ۽ جيڏانهن تون ويندو هئين، اوڏانهن آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جيڏانهن بہ تون ويندو هئين اوڏانهن آءٌ تو سان گڏ پئي رهيو آهيان ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي تابع ڪيا اٿم. هاڻي آءٌ تو کي دنيا جي وڏن وڏن اڳواڻن جيان مشهور ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:8
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏس، آءٌ تو ساڻ آهيان، ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جيڪي توکي چيو اٿم، سو جيسين پورو نہ ڪريان، تيسين توکي ڇڏي ڪين ڏيندس.


جنهن ڏينهن خداوند دائود کي سندس سڀني دشمنن جي هٿان ۽ سائول جي هٿان ڇڏايو، انهي ڏينهن هن هيءُ گيت خداوند جي اڳيان ڳايو:


۽ جيڏي تون ويندو هئين اوڏي آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو وڏو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.


پوءِ دائود دمشق جي ارام ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا، ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏي دائود ٿي ويو، اوڏي خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.


۽ هدد عزر جي شهرن بطاہ، ۽ بيروتي مان بادشاهہ دائود تمام گهڻو پتل هٿ ڪيو.


۽ دائود جي ناموس سڀني ملڪن ۾ پکڙجي ويئي، ۽ خداوند هن جو خوف سڀني قومن تي وڌو.


تہ بہ اي خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي؛ پر تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي، اي خداوند خدا، تو مون کي وڏي ماڻهوءَ جي درجي موجب سمجهيو آهي.


۽ ناتن دائود کي چيو، تہ جيڪا تنهنجي دل جي مراد هجي سا پوري ڪر؛ ڇالاءِ جو خدا توساڻ آهي.


تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:


۽ پنهنجي قوم اسرائيل جي لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪندس، ۽ انهن کي اهڙو ڄمائيندس جو هو پنهنجيءَ جاءِ تي رهندا ايندا ۽ وري اتان نہ چرندا؛ ۽ شرير ماڻهو جيئن اڳي هنن کي ناس ڪندا هئا تيئن وري نہ ڪندا،


يروشلم تي زور وارا بادشاهہ ٿي گذريا آهن، جن سڄي ملڪ تي، نديءَ جي هن ڀر بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ ڍل، ۽ محصول، ۽ چونگي انهن کي پئي ملي آهي.


اي خداوند، منهنجي طاقت، آءٌ توکي پيار ٿو ڪريان.


لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي؛ ۽ يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


لشڪرن جو خداوند اسان سان آهي: يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


تون منهنجي عظمت کي وڌاءِ، ۽ موٽي مون کي تسلي ڏي.


پر خدا ئي منصف آهي: هو هڪڙي کي ڪيرائي ٿو، ٻئي کي چاڙهي ٿو.


هن زور وارن کي تخت تان لاهي هيٺ ڪيو آهي، ۽ نماڻن کي چاڙهي مٿي ڪيو اٿس.


۽ دائود هميشہ ڏاهپ سان هلت ڪندو هو؛ ۽ خداوند ساڻس هو.


۽ سائول ڏٺو ۽ پڪ ڄاتائين تہ خدا دائود سان آهي: ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل هن کي پيار ڪندي هئي،


۽ دائود چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، تہ خداوند پاڻ انهي کي ماري وجهندو؛ يا هن جي مرڻ جو ڏينهن اچي پهچندو؛ يا هو جنگ تي نڪرندو، ۽ مارجي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ