Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:7 - Sindhi Bible

7 تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 سو اي ناتن! منهنجي ٻانهي دائود کي مون خداوند قادرِمطلق جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:7
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود ميڪل کي چيو تہ اهو حال خداوند جي اڳيان هو، جنهن مون کي تنهنجي پيءُ کان ۽ سندس سڄي گهراڻي کان پسند ڪيو، ۽ خداوند جي قوم جي مٿان، يعني اسرائيل جي مٿان، بادشاهہ مقرر ڪيو: تنهنڪري آءٌ خداوند جي اڳيان ضرور نچندس ٽپندس.


تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:


جن جن جاين تي آءٌ بني اسرائيل سان گڏ پئي هليو آهيان، اُتي مون اسرائيل جي ڪنهن بہ قاضيءَ کي، جنهن کي حڪم ڪيو هوم تہ منهنجي قوم جي سنڀال ڪري، ڪو چيو ڇا تہ اوهان ڇو منهنجي لاءِ ديودار جي ڪاٺيءَ جو گهر نہ جوڙيو آهي؟


۽ جيڏانهن تون ويندو هئين، اوڏانهن آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.


پر مون يروشلم پسند ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو نالو اُتي رهي، ۽ دائود کي پسند ڪيو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿئي.


”اي يهوديہ ملڪ جا بيت الحم، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي شهزادن مان سڀ کان ننڍو نہ آهين: ڇالاءِ جو تو منجهان هڪڙو حاڪم نڪرندو، جو منهنجي قوم اسرائيل جو پاسبان ٿيندو“.


۽ شمعون جا ڀائيوار زبديءَ جا پٽ، يعقوب ۽ يوحنا، سي بہ عجب ۾ پئجي ويا. ۽ يسوع شمعون کي چيو، تہ ڊڄ نہ، ڇو جو اڄ کان وٺي تون ماڻهن کي جهليندين.


۽ هاڻي دائود سائول وٽ پيو ايندو ويندو هو، ۽ بيت لحم ۾ پنهنجي پيءُ جون رڍون چاريندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ