3 ۽ هيئن ٿيو تہ انهيءَ رات خداوند جو ڪلام ناتن تي نازل ٿيو،
3 پر انهيءَ ئي رات خداوند ناتن سان ڳالهائيندي کيس فرمايو تہ
جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، اُنهيءَ ڏينهن کان وٺي اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون ڪوبہ اهڙو شهر چونڊي نہ ڪڍيو جنهن ۾ ڪو گهر جوڙيان تہ منهنجو نالو اُتي رهي؛ پر مون دائود کي چونڊي ڪڍيو تہ منهنجي قوم اسرائيل تي رهي.
۽ ناتن دائود کي چيو، تہ جيڪا تنهنجي دل جي مراد هجي سا پوري ڪر؛ ڇالاءِ جو خدا توساڻ آهي.
تہ وڃي منهنجي ٻانهي دائود کي چئُہ تہ خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون منهنجي رهڻ لاءِ گهر نہ جوڙيندين:
جڏهن اوهين ساڄي يا کاٻي پاسي ڦرندا تڏهن تنهنجا ڪن تنهنجي پٺيان هڪڙو آواز ٻڌندا تہ رستو هي آهي، اوهين انهي تي هلو.
يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو:
تڏهن هن چيو تہ هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند، رويا ۾ انهي تي ظاهر ٿيندس، ۽ خواب ۾ انهي سان ڳالهائيندس.