1.تواريخ 17:27 - Sindhi Bible27 ۽ هاڻي توکي قبول پيو آهي تہ پنهنجي ٻانهي جي گهر کي برڪت ڏين، تہ اهو تنهنجي اڳيان هميشہ تائين قائم رهي: ڇالاءِ جو، اي خداوند، تو برڪت ڏني آهي، ۽ تنهنڪري اُهو هميشہ لاءِ مبارڪ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible27 هاڻي تو پنهنجي هن ٻانهي جي گھراڻي کي برڪت ڏني آهي، تہ اهو تنهنجي حضور ۾ هميشہ تائين قائم رهي. جيئن تہ اي خداوند! تو کيس برڪت ڏني آهي، تنهنڪري بيشڪ اهو هميشہ سڳورو رهندو.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهن هوندي بہ خداوند اسرائيل جي خدا، مون کي منهنجي پيءُ جي سڄي گهراڻي مان چونڊيو تہ آءٌ هميشہ اسرائيل جو بادشاهہ ٿيان: ڇالاءِ جو هن يهوداہ کي پيشوا ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي؛ ۽ يهوداہ جي گهراڻي مان، منهنجي پيءُ جي گهر کي چونڊيو اٿس؛ ۽ منهنجي سڀني ڀائرن مان هن مون کي پسند ڪيو، تہ مون کي اسرائيل جو بادشاهہ ڪري: