Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:22 - Sindhi Bible

22 ڇو جو تو پنهنجيءَ قوم اسرائيل کي هميشہ لاءِ پنهنجي خاص قوم ڪئي؛ ۽ تون خداوند، سندن خدا ٿئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي لاءِ پنهنجي قوم بڻايو آهي ۽ تون، اي خداوند! سندن خدا بڻيو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:22
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾، انهن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عهد ڪندس؛ آءٌ تنهنجو ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جو خدا ٿيندس.


تو پنهنجي لاءِ پنهنجي قوم اسرائيل کي قائم ڪيو تہ اها هميشہ جي لاءِ تنهنجي قوم ٿئي؛ ۽ تون، اي خداوند انهن جو خدا ٿين.


برڪت وارو هجي خداوند تنهنجو خدا، جو تو مان راضي هو ۽ جنهن توکي اسرائيل جي تخت تي ويهاريو: خداوند اسرائيل کي هميشہ پيار ڪندو هو، تنهنڪري هن توکي بادشاهہ ڪيو تہ عدالت ۽ انصاف ڪرين.


۽ دنيا ۾ تنهنجي قوم اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي خداوند وڃي ڇڏائي پنهنجي قوم ڪيو، تہ تون پنهنجيءَ قوم جي سامهون، جنهن کي تو مصر مان ڇڏايو، غير قومن کي پري ڪري، وڏن ۽ خوفناڪ ڪمن سان پنهنجو نالو ڪڍين؟


۽ هاڻي اي خداوند، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي جي نسبت ۾، ۽ سندس گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ لاءِ قائم ڪر، ۽ جيئن چيو اٿيئي، تيئن ڪر.


۽ آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي باهہ مان لنگهائي چانديءَ وانگر صاف ڪندس، ۽ سون وانگر تپائيندس: ۽ هو مون وٽ دعا ڪندا، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس: ۽ آءٌ چوندس تہ هيءَ منهنجي قوم آهي، ۽ هو چوندا تہ خداوند ئي اسان جو خدا آهي.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، ۽ شاهي ڪاهنن جي جماعت، ۽ پاڪ قوم، ۽ خدا جي اهڙي اُمت آهيو، جا سندس خاص ملڪيت آهي، تان تہ انهي جون خوبيون ظاهر ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان ڪڍي، پنهنجي عجيب روشنائيءَ ۾ سڏيو آهي:


۽ خداوند پنهنجي وڏي نالي جي سببان، پنهنجي قوم کي ڪين ڇڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند جي مرضي اها آهي تہ اوهان کي پنهنجي قوم ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ