Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:21 - Sindhi Bible

21 ۽ دنيا ۾ تنهنجي قوم اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي، جنهن کي خداوند وڃي ڇڏائي پنهنجي قوم ڪيو، تہ تون پنهنجيءَ قوم جي سامهون، جنهن کي تو مصر مان ڇڏايو، غير قومن کي پري ڪري، وڏن ۽ خوفناڪ ڪمن سان پنهنجو نالو ڪڍين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪابہ قوم ناهي، هڪ اهڙي قوم جنهن کي تو خداوند پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو. تو اهو انهيءَ لاءِ بہ ڪيو، تہ جيئن تون پنهنجي قوم جي اڳيان غير قومن کي هڪالي ڪڍين ۽ عظيم ۽ هيبتناڪ ڪمن وسيلي پنهنجو نالو ظاهر ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:21
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ۽ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب تو کانسواءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ آهي.


ڇو جو تو پنهنجيءَ قوم اسرائيل کي هميشہ لاءِ پنهنجي خاص قوم ڪئي؛ ۽ تون خداوند، سندن خدا ٿئين.


۽ فرعون تي، ۽ سندس سڀني نوڪرن تي، ۽ سندس ملڪ جي سڀني ماڻهن تي تو نشان ۽ عجيب ڪم ڏيکاريا؛ ڇالاءِ جو توکي خبر هئي تہ هو انهن سان مغروريءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ تو پنهنجو نالو مشهور ڪيو، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


جن کي خداوند ڇوٽڪارو ڏنو آهي سي بہ ائين چون، ڇو جو انهن کي دشمن جي هٿان ڇڏايو اٿس؛


هن پنهنجي اُمت جي لاءِ ڇوٽڪارو موڪليو؛ ۽ پنهنجو عهد هميشہ جي لاءِ مقرر ڪيو اٿس: هن جو نالو پاڪ ۽ ادب جي لائق آهي.


هن ڪنهن بہ قوم سان اهڙو سلوڪ نہ ڪيو آهي: هن جي فيصلن جي انهن کي خبر ڪانهي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.


اي اسان جي نجات جا خدا، تون زمين جي سڀني حدن جو، ۽ جيڪي پري سمنڊ تي آهن تن جو آسرو آهين: تون اسان کي خوفناڪ ڳالهيون ڏيکاري سچائيءَ سان جواب ٿو ڏين.


تو پنهنجي اُمت کي يعني يعقوب ۽ يوسف جي اولاد کي ڇڏايو آهي.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


پنهنجي نالي جي خاطر آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۾ دير ڪندس، ۽ پنهنجي تعريف جي خاطر آءٌ توکان مڙندس، تہ توکي تباهہ نہ ڪريان.


جنهن پنهنجيءَ جلال واريءَ ٻانهن سان موسيٰ جي ساڄي هٿ جي مدد ڪئي؟ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ، انهن جي اڳيان پاڻيءَ جا ٻہ ڀاڱا ڪيا.


هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو.


جڏهن تو اهڙا خوفناڪ ڪم ڪيا جن جي اسان کي اميد ڪانہ هئي، يعني تون هيٺ لهي آئين تڏهن تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبڻ لڳا.


۽ نشانين ۽ عجيب غريب قدرتن سان، ۽ مضبوط هٿن سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏي هيبت سان، پنهنجي قوم اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛


۽ تون ياد رکج تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي ڇڏايو: تنهنڪري آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي هي حڪم ٿو ڏيان.


ڇالاءِ جو اهڙي وڏي قوم ڪهڙي آهي، جنهن جو معبود انهيءَ کي اهڙو ويجهو هجي، جهڙو خداوند اسان جو خدا اسان جي دعا گهرڻ وقت اسان کي ويجهو آهي؟


جنهن پاڻ کي اسان جي واسطي قربان ڪيو تہ اسان کي هر قسم جي بي دينيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي خاص ملڪيت لاءِ هڪڙي اهڙي اُمت بنائي، جا نيڪ ڪمن ۾ سرگرم هجي.


۽ اهي سڀ بادشاهہ، ۽ انهن جا ملڪ، يشوع هڪڙي ئي وقت ورتا، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا اسرائيل جي پاران وڙهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ