Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:2 - Sindhi Bible

2 ۽ ناتن دائود کي چيو، تہ جيڪا تنهنجي دل جي مراد هجي سا پوري ڪر؛ ڇالاءِ جو خدا توساڻ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تنهن تي ناتن نبيءَ کيس چيو تہ ”جيڪا اوهان جي دل جي مرضي هجي سا ڀلي پوري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان سان راضي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ناتن بادشاهہ کي چيو تہ وڃ، جيڪا تنهنجي دل جي مراد هجي سا پوري ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند توساڻ آهي.


هاڻي منهنجي پيءُ دائود جي دل ۾ هو تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، تڏهن دائود ناتن نبيءَ کي چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ديودار جي ڪاٺين مان جوڙيل گهر ۾ ٿو رهان پر خدا جي عهدنامي جي صندوق پڙدن جي هيٺان ٿي رهي.


۽ هيئن ٿيو تہ انهيءَ رات خداوند جو ڪلام ناتن تي نازل ٿيو،


۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو تہ اهو منهنجي دل ۾ هو تہ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي لاءِ گهر جوڙيان.


تڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي پير اُٿي بيٺو، ۽ چيائين تہ، اي منهنجا ڀائرو، ۽ منهنجي قوم، منهنجي ٻڌو: منهنجي دل ۾ هو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق لاءِ آرام گاهہ، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پير رکڻ جي صندلي ٺاهيان؛ ۽ مون انهيءَ جي ٺاهڻ جي تياري بہ ڪئي هئي.


شل تنهنجيءَ دل جون مرادون پوريون ڪري، ۽ تنهنجا سڀ مطلب پورا ڪري.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ ڏهہ ماڻهو جن جي علحدي ٻولي هوندي، سي اچي هڪڙي يهوديءَ جو پلئُہ جهليندا ۽ چوندا تہ اسين اوهان سان هلنداسين، ڇالاءِ جو اسان ٻڌو آهي تہ خدا اوهان سان آهي.


۽ هن وٽس اندر اچي چيو تہ سلام توکي، جنهن تي وڏو فضل ٿيو آهي، خداوند توساڻ آهي.


ڇالاءِ جو اسان جو علم ناقص آهي ۽ اسان جي نبوت ڪامل ناهي؛


تڏهن انهن ماڻهن هنن جي سمر مان ڪجهہ کنيو، پر خداوند کان صلاح نہ پڇيائون.


۽ جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن تڏهن جيئن اُنهي وقت تو کي مناسب نظر اچي تيئن ڪج؛ ڇالاءِ جو خداوند توسان آهي.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ