Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:19 - Sindhi Bible

19 اي خداوند، تو پنهنجي ٻانهي جي خاطر ۽ پنهنجيءَ دل موجب هي سڀ وڏا ڪم ڪيا آهن، تہ هي سڀ وڏيون ڳالهيون ظاهر ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 اي خداوند! تو پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجي هن ٻانهي جي خاطر هي سڀ وڏا ڪم ڪيا آهن ۽ پنهنجي سڀني عظيم واعدن جو پڻ اظهار ڪيو اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:19
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هي سڀ وڏا ڪم جي تو ڪيا آهن سي پنهنجي ڪلام جي خاطر، ۽ پنهنجي دل جي مرضي موافق تو ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي ٻانهي کي انهيءَ مان واقف ڪرين.


۽ انهيءَ بابت جا عزت تنهنجي ٻانهي کي ملي آهي، دائود وڌيڪ ٻيو ڇا چوي؟ ڇالاءِ جو تون پنهنجي ٻانهي کي ڄاڻين ٿو.


اي خداوند، تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ۽ جيڪي اسان پنهنجن ڪنن سان ٻڌو آهي، ان موجب تو کانسواءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ آهي.


هن جا ڪم شان ۽ شوڪت وارا آهن ۽ سندس راستبازي هميشہ تائين قائم آهي.


هن پنهنجيءَ اُمت کي ڌارين قومن جي ميراث ڏيئي، پنهنجي ڪمن جي قدرت ڏيکاري آهي.


اي خداوند سچ پچ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان: آءٌ تنهنجو ٻانهو، ۽ تنهنجي ٻانهيءَ جو اولاد آهيان؛ تو منهنجا بند کوليا آهن.


ڇالاءِ جو آءٌ خود پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر هن شهر جي حفاظت ڪري هن کي بچائيندس.


ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.


۽ هن مون کي چيو تہ تون منهنجو بندو آهين، اي اسرائيل تنهنجي ڪري منهنجو جلال ظاهر ٿيندو.


تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ ان جا عرض ٻڌ، ۽ خداوند جي واسطي، تنهنجو پاڪ مڪان جو ويران ٿي ويو آهي، تنهن تي پنهنجو چهرو چمڪاءِ.


هائو، بابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.


انهي ازلي ارادي موافق، جو هن اسان جي خداوند يسوع مسيح ۾ ڪيو هو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ