Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:18 - Sindhi Bible

18 ۽ انهيءَ بابت جا عزت تنهنجي ٻانهي کي ملي آهي، دائود وڌيڪ ٻيو ڇا چوي؟ ڇالاءِ جو تون پنهنجي ٻانهي کي ڄاڻين ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 آءٌ ٻيو ڇا چوان؟ تون تہ پنهنجي هن ٻانهي کي ڄاڻين ٿو، تنهن هوندي بہ تو پنهنجي هن ٻانهي کي ايڏي عزت ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ بہ اي خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي؛ پر تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي، اي خداوند خدا، تو مون کي وڏي ماڻهوءَ جي درجي موجب سمجهيو آهي.


اي خداوند، تو پنهنجي ٻانهي جي خاطر ۽ پنهنجيءَ دل موجب هي سڀ وڏا ڪم ڪيا آهن، تہ هي سڀ وڏيون ڳالهيون ظاهر ٿين.


اي خداوند تو مون کي چڪاسيو آهي ۽ مون کي ڄاڻي ورتو اٿيئي.


وري ٽيون گهُمرو چيائينس تہ شمعون بن يوحنا، تون مون کي چاهين ٿو؟ پطرس کي رنج ٿيو جو هن ٽيون گهُمرو چيس تہ تون مون کي چاهين ٿو؟ هن چيس تہ اي خداوند، توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، تون ڄاڻين ٿو تہ آئون توکي چاهيان ٿو. يسوع چيس تہ منهنجين رڍن کي چارج.


۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ