Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:17 - Sindhi Bible

17 تہ بہ اي خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي؛ پر تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي، اي خداوند خدا، تو مون کي وڏي ماڻهوءَ جي درجي موجب سمجهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تہ بہ اي خدا! اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي، پر تو پنهنجي ٻانهي جي گھراڻي بابت آئيندہ جي گھڻي عرصي تائين جو ذڪر ڪيو آهي. اي خداوند خدا! تو مون کي وڏي ماڻهوءَ جي درجي موجب سمجھيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:17
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ توکي پنهنجي ڌڻيءَ جو گهر، ۽ تنهنجي ڌڻيءَ جون زالون تنهنجي جهوليءَ ۾ ڏنم، ۽ توکي اسرائيل جو، ۽ يهوداہ جو گهراڻو ڏنم؛ ۽ جي اهو ٿورو ٿي پوي ها تہ توکي گهڻيئي شيون ٻيون بہ ڏيان ها.


تہ بہ اي خداوند خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي، ۽ تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي؛ ۽ اهو بہ، اي خداوند خدا، ماڻهن جي دستور موجب!


۽ مون توکي اهو بہ ڏنو آهي جو تو نہ گهريو آهي، يعني دولت، ۽ عزت، جنهنڪري تنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهن مان ڪوبہ تو جهڙو نہ ٿيندو.


۽ اها خداوند جي نظر ۾ هڪڙي خسيس ڳالهہ آهي: هو موآبين کي بہ اوهانجن هٿن ۾ ڏيندو.


تڏهن دائود بادشاهہ اندر لنگهي ويو، ۽ خدا جي حضور ۾ وڃي ويٺو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند خدا، آءٌ ڪير آهيان ۽ منهنجو گهراڻو ڇا آهي جو تو مون کي هن درجي تائين آندو آهي؟


۽ انهيءَ بابت جا عزت تنهنجي ٻانهي کي ملي آهي، دائود وڌيڪ ٻيو ڇا چوي؟ ڇالاءِ جو تون پنهنجي ٻانهي کي ڄاڻين ٿو.


هائو، هو فرمائي ٿو تہ اها هڪڙي تمام خسيس ڳالهہ آهي تہ يعقوب جي قبيلن کي اُٿارڻ لاءِ، ۽ اسرائيل جي بچيلن کي قائم ڪرڻ لاءِ تون منهنجو بندو ٿين: آءٌ توکي غير قومن لاءِ روشنائي ڪري ڏيندس، تہ زمين جي ڇيڙي تائين تون منهنجي نجات پهچائين.


هاڻي جيڪو اهڙو قادر آهي جو اسان ۾ پنهنجي قدرت جي اثر موجب، اسان جي گهُرڻ يا خيال کان گهڻو وڌيڪ ڪم ڪري ٿو سگهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ