Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:13 - Sindhi Bible

13 آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: ۽ آءٌ پنهنجي رحمت هن تان کڻي نہ ويندس جيئن مون انهيءَ تان کنئي جو توکان اڳي هو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 آءٌ سندس پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو. آءٌ پنهنجي دائمي ٻاجھہ جو هٿ هن تان هرگز نہ هٽائيندس، جيئن تو کان اڳ ۾ سائول تان هٽايو هئم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي پٽ کي آءٌ هڪڙو فرقو ڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ يروشلم جو شهر، جو مون پنهنجي نالي رکڻ لاءِ پسند ڪيو آهي، تنهن ۾ هميشہ منهنجي اڳيان منهنجي ٻانهي دائود وٽ هڪڙو ڏيئو هجي.


۽ خداوند کان نہ پڇيائين: تنهنڪري هن انهيءَ کي ماري وڌو ۽ بادشاهي ڦيرائي دائود بن يسيءَ کي ڏيئي ڇڏي.


هو منهنجي لاءِ گهر جوڙيندو، ۽ هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.


پر آءٌ پنهنجي گهر ۾، ۽ پنهنجي بادشاهت ۾، کيس هميشہ لاءِ قائم ڪندس، ۽ سندس تخت هميشہ لاءِ رهندو.


پٽ کي چُمو، متان هو غصي ٿئي، ۽ اوهين واٽ ۾ ئي نابود ٿي وڃو، ڇو تہ هن جي ڪاوڙ جلد ڀڙڪو کائيندي. مبارڪ آهن اهي سڀيئي، جن جو ڀروسو هن تي آهي.


سو آءٌ اهو حڪم ٻڌائيندس: جو خداوند مون کي فرمايو تہ تون منهنجو پٽ آهين؛ مون اڄوڪي ڏينهن توکي پيدا ڪيو.


اوهين پنهنجو ڪن ڏيو ۽ مون ڏانهن اچو؛ ٻڌو تہ اوهان جو روح جيئرو رهي: ۽ آءٌ اوهان سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس، يعني دائود واريون سچيون رحمتون نازل ڪندس.


هو بزرگ ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو، ۽ خداوند خدا کيس سندس پيءُ دائود جو تخت ڏيندو.


۽ ڪڪر مان آواز آيو، تہ هيءُ منهنجو فرزند آهي، منهنجو چونڊيل، اوهين سندس ٻُڌو.


پيءُ فرزند کي پيار ٿو ڪري، ۽ سڀ ڪجهہ سندس هٿ ۾ ڏنو اٿس.


۽ آئون اوهان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادر مطلق ائين ٿو فرمائي.“


ڇالاءِ جو هن ملائڪن مان ڪڏهن ڪنهن کي چيو تہ ”تون منهنجو فرزند آهين، اڄ تون مون کان پيدا ٿئين؟“ ۽ وري ”آئون هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو فرزند ٿيندو؟“


۽ سموئيل هن کي چيو تہ اڄ خداوند اسرائيل جي بادشاهي توکان ڇني ڦاڙي ورتي آهي: ۽ اُها تنهنجي هڪڙي پاڙيسريءَ کي ڏني اٿس، جو توکان چڱو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ