Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:12 - Sindhi Bible

12 هو منهنجي لاءِ گهر جوڙيندو، ۽ هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اِهو ئي آهي، جيڪو منهنجي لاءِ گھر تعمير ڪندو ۽ آءٌ هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، منهنجو ارادو آهي تہ جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي بجاءِ تخت تي ويهاريندس، سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو، تيئن آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙيان.


انهيءَ هوندي بہ تون اهو گهر نہ جوڙيندين: پر تنهنجو پٽ، جو تنهنجي پٺ مان پيدا ٿيندو سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا، ۽ تون پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سمهندين، تڏهن توکان پوءِ جيڪو تنهنجو اولاد تنهنجي پٽن مان ٿيندو، تنهن کي آءٌ کڙو ڪندس، ۽ سندس بادشاهت قائم ڪندس.


آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو: ۽ آءٌ پنهنجي رحمت هن تان کڻي نہ ويندس جيئن مون انهيءَ تان کنئي جو توکان اڳي هو:


۽ انهن اسان کي هن طرح ورندي ڏيئي چيو تہ اسين آسمان ۽ زمين جي خدا جا ٻانها آهيون، ۽ اُهو گهر ٿا جوڙيون جو هن کان ڪيترا ورهيہ اڳي جوڙيو ويو هو، ۽ جو اسرائيل جي هڪڙي وڏي بادشاهہ جوڙي پورو ڪيو هو.


هن جو نالو هميشہ تائين قائم رهندو؛ جيسين سج هوندو تيسين سندس نالو پيو هلندو: ماڻهن کي هن جي ڪري برڪت ملندي؛ ۽ سڀيئي قومون هن کي خوش نصيب چونديون.


آءٌ هن جي نسل کي هميشہ تائين قائم رکندس، ۽ جيستائين آسمان آهي تيستائين سندس تخت قائم رهندو.


تہ آءٌ تنهنجي نسل کي هميشہ تائين قائم رکندس، ۽ تنهنجو تخت پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ ٺاهيندس.


اي خداوند آسمان تنهنجي عجيب ڪم جي تعريف ڪندا؛ ۽ پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تنهنجي وفاداريءَ جي تعريف ٿيندي.


انهيءَ جي بادشاهيءَ جي اقبالمندي ۽ سلامتيءَ جي حد ئي ڪانہ ٿيندي، ۽ هو دائود جي تخت تي ۽ ان جي بادشاهيءَ تي هن وقت کان وٺي هميشہ تائين قائم رهندو؛ ۽ انصاف ۽ سچائيءَ سان انهيءَ کي قائم ڪندو. لشڪرن جي خداوند جي غيرت ائين ڪندي.


۽ انهن بادشاهن جي ڏينهن ۾ آسمان وارو خدا هڪڙي بادشاهت برپا ڪندو جا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، ۽ نہ انهي جي بادشاهت ٻي ڪنهن قوم کي ملندي؛ پر اُها ٻيون سڀ بادشاهتون ڀڃي پرزا پرزا ڪري چٽ ڪندي، ۽ پاڻ هميشہ لاءِ قائم رهندي.


ڇالاءِ جو جيستائين هو پنهنجن سڀني دشمنن کي پنهنجي پيرن هيٺ نہ آڻيندو، تيستائين هو ضرور بادشاهي ڪندو.


ڇالاءِ جو اُلوهيت جي ساري معموري مجسم طور منجهس ٿي رهي،


۽ ستين ملائڪ تري وڄائي، تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٿيڻ لڳا، ۽ انهن چيو تہ دنيا جي بادشاهت اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي: ۽ اُهو هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ