Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 17:11 - Sindhi Bible

11 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا، ۽ تون پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سمهندين، تڏهن توکان پوءِ جيڪو تنهنجو اولاد تنهنجي پٽن مان ٿيندو، تنهن کي آءٌ کڙو ڪندس، ۽ سندس بادشاهت قائم ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن تنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ٿيندا ۽ تون وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين، تڏهن آءٌ تنهنجو نسل تنهنجي پٽن مان هلائيندس ۽ منجھانئن هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 17:11
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر تون آرام سان پنهنجن ابن ڏاڏن ڏانهن ويندين، تون تمام وڏيءَ ڄمار ۾ دفن ٿيندين.


نہ تہ هيئن ٿيندو تہ جڏهن منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجن ابن ڏاڏن سان وڃي سمهندو، تڏهن آءٌ ۽ منهنجو پٽ سليمان ٻئي ڏوهاري شمار ٿينداسين.


پوءِ دائود وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سُتو، ۽ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو.


انهيءَ هوندي بہ تون اهو گهر نہ جوڙيندين: پر تنهنجو پٽ، جو تنهنجي پٺ مان پيدا ٿيندو سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو.


۽ خداوند جيڪا ڳالهہ ڪئي سا ثابت ڪري ڏيکاري؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي اُٿيو آهيان، ۽ اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان، جيئن ڪ خداوند واعدو ڪيو هو، ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي تي گهر جوڙيو اٿم.


۽ جيئن انهن ڏينهن ۾ ٿيندو هو، جڏهن مون قاضي مقرر ڪيا تہ منهنجي قوم اسرائيل تي حڪم هلائين؛ ۽ آءٌ تنهنجن سڀني دشمنن کي شڪست ڏيندس. تنهن کانسواءِ آءٌ توکي چوان ٿو تہ خداوند تنهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيندو.


هو منهنجي لاءِ گهر جوڙيندو، ۽ هن جي بادشاهت هميشہ لاءِ قائم ڪندس.


۽ منهنجن سڀني پٽن مان، (ڇالاءِ جو مون کي خدا گهڻيئي پٽ ڏنا آهن،) هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو، اسرائيل جي مٿان خداوند جي بادشاهت جي تخت تي ويهي.


ڇالاءِ جو اسين تنهنجي اڳيان پرديسي ۽ مسافر آهيون، جيئن اسان جا ابا ڏاڏا هئا: اسان جي عمر هن دنيا ۾ پاڇي وانگر آهي، ۽ جٽاءُ ڪونهي.


۽ هن ٻڍو ۽ عمر رسيدہ ٿي، دولت ۽ عزت سان آسودہ ٿي، وفات ڪئي: ۽ سندس پٽ سليمان سندس بدران بادشاهہ ٿيو.


انهيءَ هوندي بہ تون اهو گهر نہ جوڙيندين؛ پر تنهنجو پٽ جو تنهنجي پٺ مان نڪرندو، اهو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو.


خداوند دائود سان سچائيءَ ۾ قسم کنيو آهي؛ هو انهي کان ڪين ڦرندو: تہ آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.


اي خداوند آسمان تنهنجي عجيب ڪم جي تعريف ڪندا؛ ۽ پاڪ ماڻهن جي جماعت ۾ تنهنجي وفاداريءَ جي تعريف ٿيندي.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي جي تخت تي ويهڻ لاءِ دائود وٽ ڪنهن بہ ماڻهو جي کوٽ نہ ٿيندي؛


ڇالاءِ جو دائود تہ پنهنجي وقت ۾ خدا جي مرضيءَ پٽاندر هلندو هو، تنهن کانپوءِ پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيو، ۽ سڙي مري ويو:


اي ڀائرو، آئون اوهان کي کُليو کُلايو بابي دائود بابت ٻُڌائي ٿو سگهان تہ هو برابر مري ويو ۽ دفن بہ ٿيو، ۽ سندس قبر اڄ تائين موجود آهي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ڏس، تون پنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ سمهي پوندين؛ ۽ ماڻهو جنهن ملڪ ۾ رهڻ جي لاءِ وڃن ٿا، اُتي جي ڌارين معبودن جي پيروي ڪري زناڪاري ڪندا، ۽ مون کي ڇڏي ڏيندا، ۽ جيڪو عهد مون ساڻن ڪيو آهي سو ڀڃي ڇڏيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ