1.تواريخ 16:8 - Sindhi Bible8 خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، سندس نالو وٺي دعا گهرو؛ قومن ۾ هن جا ڪم پڌرا ڪريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible8 اوهين خداوند جو شڪر ڪريو ۽ سندس نالو پڪاريو، اوهين سندس ڪمن کي قومن منجھہ بيان ڪندا رهو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.