Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 16:5 - Sindhi Bible

5 پهريون آسف، ۽ هن کانپوءِ زڪرياہ، ۽ يعي ايل، ۽ سميراموت، ۽ يحيئيل، ۽ متتياہ، ۽ الياب، ۽ بناياہ، ۽ عوبيد ادوم، ۽ يعي ايل اهي سڀ تنبورن ۽ بربطن لاءِ، ۽ آسف جهانجهہ زور سان وڄائڻ لاءِ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 آسف اڳواڻ هو ۽ زڪرياہ سندس مددگار هو. يعي‌ايل، سميراموت، يحيئيل، متتياہ، الياب، بناياہ، عوبيدادوم ۽ يعي‌ايل دنبورا ۽ سارنگيون وڄائڻ تي مقرر هئا. آسف ٽليون وڄائڻ تي مقرر هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 16:5
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو، هر قسم جا ساز، جي صنوبر جي ڪاٺيءَ مان جڙيل هئا، يعني بربط، سنطور، دف، ڪَنجهيون، ۽ جانجهہ وڄائيندا خداوند جي اڳيان هليا.


انهيءَ طرح هن آسف ۽ سندس ڀائرن کي خداوند جي صندوق جي اڳيان هميشہ لاءِ خدمت ڪرڻ لاءِ رکيو، جيئن تہ هر روز ضرورت ٿي پيئي:


۽ هن لاوين مان ڪن کي مقرر ڪيو تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان خدمت ڪن، ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو ذڪر ۽ شڪر ۽ تعريف ڪن:


۽ بناياہ ۽ يحزيئيل ڪاهن هميشہ خداوند جي صندوق جي اڳيان تريون وڄائڻ لاءِ.


انهيءَ جو پٽ تحت، انهيءَ جو پٽ اوري ايل، انهيءَ جو پٽ عزياہ؛ ۽ انهيءَ جو پٽ سائول.


۽ انهيءَ جو ڀاءُ آسف، جو هن جي سڄي هٿ پاسي بيهندو هو، يعني آسف بن برڪياہ، بن سمعا؛


۽ هن خداوند جي گهر ۾ لاوين کي جهانجهن سان، سنطورن سان ۽ بربطن سان دائود جي، ۽ بادشاهہ جي غيب دان جاد، ۽ ناتن نبيءَ جي حڪم موجب مقرر ڪيو: ڇالاءِ جو اهو حڪم خداوند جو سندس نبين جي معرفت مليل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ