Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 16:34 - Sindhi Bible

34 خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ڇو جو سندس رحمت دائمي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 اوهين خداوند جا ٿورا مڃيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڀلو آهي ۽ سندس شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 16:34
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ٻيلي جا سڀيئي وڻ خداوند جي حضور خوشيءَ سان ڳائيندا، ڇالاءِ جو هو دنيا جي عدالت ڪرڻ لاءِ اچي ٿو.


۽ انهن سان گڏ هيمان ۽ يدوتون ۽ باقي ٻيا چونڊيل هئا، جن جا نالا لکيل هئا، تہ اُهي بہ خداوند جي شڪرگذاري ڪن، ڇالاءِ جو هن جي رحمت دائمي آهي؛


۽ جڏهن هن ماڻهن سان صلاح مصلحت ڪئي تڏهن هن ڪي ماڻهو مقرر ڪيا تہ اهي خداوند جي اڳيان ڳائين، ۽ جيئن لشڪر جي اڳيان هلندا هلن تيئن پاڪيزگيءَ جي جمال سان تعريف ڪن، ۽ چون تہ خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن قرنائن وڄائڻ وارا، ۽ ڳائڻ وارا، سڀ گڏجي هڪ ٿي خداوند جي شڪرگذاري ۽ تعريف ڪرڻ ۾ هڪڙو يڪو آواز ڪڍڻ لڳا؛ ۽ جڏهن هنن پنهنجو آواز قرنائن، ۽ جهانجهن، ۽ وڄائڻ جي سازن سان مٿي کنيو، ۽ خداوند جي تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اهو چڱو آهي: ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءَ واري آهي: تڏهن اهو گهر، يعني خداوند جو گهر هڪڙي ڪڪر سان ڀرجي ويو.


۽ سڀني اسرائيلين ڏٺو تہ باهہ لهي آئي آهي ۽ خداوند جو جلال گهر جي مٿان آهي؛ ۽ هنن هيٺ زمين جي فرش تي منهن رکي سجدو ڪيو، ۽ خداوند جي شڪرگذاري ادا ڪيائون، ۽ چيائون تہ هو چڱو آهي، ڇالاءِ جو هن جي رحمت هميشہ جٽاءُ ڪندڙ آهي.


۽ هنن واري واري خداوند جي تعريف، ۽ شڪرگذاريءَ جا گيت ڳايا، ۽ چوڻ لڳا تہ هو چڱو آهي، ڇالاءِ جو هن جي رحمت اسرائيل تي هميشہ جٽاءُ ڪرڻ واري آهي، ۽ سڀني ماڻهن خداوند جي تعريف ڪرڻ وقت وڏي سڏ رڙيون ڪيون، ڇالاءِ جو خداوند جي گهر جو بنياد وڌو ويو.


ڇو جو خداوند مهربان آهي؛ ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي؛ ۽ سندس وفاداري سڀني پيڙهين تائين قائم رهندي.


خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، سندس نالو وٺي دعا گهرو؛ ۽ قومن ۾ هنجا ڪم پڌرا ڪريو.


خداوند جي تعريف ڪريو، خداوند جا ٿورا مڃيو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


خداوند جي شڪرگذاري ڪريو؛ ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، ڇو جو هو نيڪ آهي: ۽ سندس رحم هميشہ تائين قائم آهي.


اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ