Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 16:3 - Sindhi Bible

3 ۽ هن سڄيءَ قوم مان، يعني اسرائيل جي ڪل جماعت، مردن توڙي زالن مان، هرهڪ کي هڪڙي ماني، ۽ گوشت جو ٽڪر، ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ هن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن، مردن توڙي عورتن کي هڪڙي هڪڙي ماني، هڪڙو پڪل گوشت جو ٽڪرو ۽ ڪشمش جي هڪڙي ٽڪي ورهائي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 16:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سليمان جاڳيو، ۽ ڏٺائين تہ اهو هڪڙو خواب آهي: ۽ هو يروشلم ۾ آيو ۽ خداوند جي عهدنامي واري صندوق جي اڳيان بيٺو، ۽ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائين، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن جي مهماني ڪيائين.


۽ جڏهن دائود سوختني قرباني ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهي بس ڪيون، تڏهن هن خداوند جي نالي سان ماڻهن کي برڪت ڏني.


۽ هن لاوين مان ڪن کي مقرر ڪيو تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان خدمت ڪن، ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو ذڪر ۽ شڪر ۽ تعريف ڪن:


ڇالاءِ جو يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جماعت کي هڪ هزار ڍڳا ۽ ست هزار رڍون ڏنيون: ۽ اميرن جماعت کي هڪ هزار ڍڳا ۽ ڏهہ هزار رڍون ڏنيون: ۽ تمام گهڻن ڪاهنن پاڻ کي پاڪ ڪيو.


تڏهن هنن انهن کي چيو تہ هليا وڃو، وڃي سڻڀا طعام کائو، ۽ مٺا پاڻي پيئو، ۽ جنهن جي لاءِ ڪجهہ بہ تيار ٿيل نہ آهي، تنهن کي بہ ڪجهہ ڏيو: ڇالاءِ جو اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند لاءِ پاڪ آهي: غمگين نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند جي خوشي اوهان جو زور آهي.


اوهين مون کي ڪشمش سان آرام ڏيو، ۽ صوفن سان مونکي تازو توانو ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ محبت جي بيمار آهيان.


تنهن ڪري موآب، موآب جي لاءِ واويلا ڪندو، هرڪو ماڻهو واويلا ڪندو: قيرحراست جي ڪشمش جي ٽڪين لاءِ اوهين بلڪل بدحال ٿي ماتم ڪندا.


۽ پوءِ اهو انهي حاڪم جو فرض ٿيندو تہ سوختني قربانيون کاڌي جون قربانيون ۽ پيئڻ واريون قربانيون، عيدن تي، ۽ نوَن چنڊن تي، ۽ سبتن تي، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي مقرر ڪيل سڳورن ڏينهن تي ڏئي: هو گناهہ جي قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون تيار ڪندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڪفارو ٿئي.


۽ خداوند مون کي چيو تہ اڃا بہ وڃ، وڃي هڪڙي زال سان محبت رک، جا پنهنجي يار جي پياري ۽ زناڪار هجي، جهڙي طرح خداوند بني اسرائيل سان محبت رکي ٿو، جيتوڻيڪ هو ڦري ٻين معبودن ڏانهن منهن ڪن ٿا، ۽ ڪشمش جون ٽڪيون پسند ڪن ٿا.


ڪُرڪڻ کانسواءِ هڪٻئي جي مهمان نوازي ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ