۽ ماڻهن بادشاهہ دائود کي ٻڌايو تہ خداوند عوبيد ادوم جي گهراڻي کي، ۽ جن جو انهيءَ سان واسطو آهي تن سڀني کي خدا جي صندوق ڪري برڪت ڏني آهي. تڏهن دائود وڃي عوبيد ادوم جي گهر مان خدا جي صندوق خوشيءَ سان دائود جي شهر ۾ کڻي آيو.
۽ هن جي دل تو پنهنجي اڳيان سچي ڏٺي، ۽ هن سان اهو عهد اقرار ڪيو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ جرجاسين جي زمين انهيءَ جي اولاد کي ڏيندين ۽ تو پنهنجو انجام پورو ڪيو؛ ڇالاءِ جو تون سچو آهين.
وري خدا موسيٰ کي هيئن بہ چيو، تہ تون بني اسرائيل کي چئج تہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا، مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي: سدائين منهنجو نالو اهو ئي آهي، ۽ سڀني پيڙهين جي لاءِ منهنجو اهو ئي يادگار آهي.
اوهين نبين جو اولاد آهيو، ۽ انهي عهد جا شريڪ آهيو، جو خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو، جڏهن ڪ ابراهيم کي چيائين تہ ”تنهنجي نسل جي ڪري زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.“
پر خداوند اوهان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو قسم هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو هو، سو پورو ڪرڻ ٿو چاهي؛ تنهنڪري خداوند پنهنجي زوراور هٿ سان اوهان کي ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ غلاميءَ جي گهر، يعني مصر جي بادشاهہ فرعون جي هٿ مان اوهان کي ڇڏايائين.