Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 16:14 - Sindhi Bible

14 هو خداوند اسان جو خدا آهي: سڄي جهان ۾ هن جا فيصلا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 بيشڪ اهو ئي خداوند اسان جو خدا آهي. انهيءَ جا ئي فيصلا سڄي ڌرتيءَ تي رائج آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 16:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾، انهن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عهد ڪندس؛ آءٌ تنهنجو ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جو خدا ٿيندس.


هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن سي ياد ڪريو؛ سندس معجزا ۽ سندس زباني فيصلا؛


اوهين جي سندس ٻانهي اسرائيل جو نسل آهيو، اوهين بني يعقوب سندس چونڊيل آهيو.


هن جو عهد اقرار هميشہ ياد رکو، اهو ڪلام جو هن هزار پيڙهين لاءِ فرمايو آهي؛


اوهين پڪ ڄاڻو تہ خداوند ئي خدا آهي؛ هن ئي اسان کي پيدا ڪيو، ۽ اسين سندس ئي آهيون: اسين سندس اُمت ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


تون ئي منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجا ٿورا مڃيندس: تون منهنجو خدا آهين، آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندس.


اي خدا، تون منهنجو خدا آهين؛ آءٌ سويرو ئي توکي ڳوليندس: خشڪ ۽ ويران زمين ۾ جتي پاڻي ڪونهي، منهنجي جان تو لاءِ سِڪايل ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.


ڇو جو هو اسان جو خدا آهي، ۽ اسين سندس چراگاهہ جي اُمت، ۽ سندس هٿ جون رڍون آهيون. شل اڄوڪي ڏينهن اوهين سندس آواز ٻڌو!


خداوند منهنجي طاقت، ۽ منهنجو راڳ آهي، ۽ هو منهنجي نجات بڻيو آهي. هو منهنجو خدا آهي، آءٌ سندس تعريف ڪندس؛ هو منهنجي پيءُ جو خدا آهي؛ آءٌ انهيءَ جي بزرگي ظاهر ڪندس.


منهنجي جان رات جو تنهنجي مشتاق آهي؛ هائو آءٌ سوير توکي پنهنجي روح سان ڳوليندس: ڇالاءِ جو جڏهن تنهنجون عدالتون زمين تي جاري آهن، تڏهن جهان جا ماڻهو سچائي ٿا سکن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ