Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 16:12 - Sindhi Bible

12 هن جيڪي عجيب ڪم ڪيا آهن سي ياد ڪريو؛ سندس معجزا ۽ سندس زباني فيصلا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12-13 اي اوهين! جيڪي يعقوب، يعني انهيءَ جي چونڊيل بندي اسرائيل جو نسل آهيو، اوهين خدا جي انهن عجيب ڪمن کي ياد ڪريو، جيڪي هن ڪيا آهن. هائو، اوهين هن جي معجزن ۽ سندس ٻڌايل فيصلن کي ياد رکو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 16:12
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين جي سندس ٻانهي اسرائيل جو نسل آهيو، اوهين بني يعقوب سندس چونڊيل آهيو.


هو خداوند اسان جو خدا آهي: سڄي جهان ۾ هن جا فيصلا آهن.


اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ، ۽ هن جي ڪابہ نعمت نہ وسار.


هن پنهنجي عجيب ڪمن جي يادگيري قائم ڪئي آهي: خداوند رحيم ۽ ٻاجهارو آهي.


تنهنجي سڀني فيصلن جو مون پنهنجي زبان سان ذڪر ڪيو آهي.


ص اي خداوند تون صادق آهين، ۽ تنهنجا فيصلا سچا آهن:


منهنجي جان تنهنجي فيصلن جي انتظار ۾ هميشہ بيقرار آهي.


اي خداوند مون کي خبر آهي تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ تو پنهنجيءَ وفاداريءَ جي ڪري مون کي ڏک ڏنا آهن.


خداوند جو خوف پاڪ آهي، جو هميشہ قائم ٿو رهي: خداوند جا فيصلا سچا، ۽ بلڪل راست آهن.


آءٌ خداوند جي ڪمن جو ذڪر ڪندس؛ ڇو جو آءٌ تنهنجا گذريل عجيب ڪم ياد ڪندس.


تہ ڪيئن هن مصر ۾ پنهنجا نشان ڏيکاريا، ۽ ضعن جي علائقي ۾ عجيب ڪم ڪيائين؛


۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


واهہ واهہ، خدا جي دولت ۽ حڪمت ۽ علم ڪهڙو نہ بي بيان آهي! سندس فيصلا ڪهڙا نہ سمجهہ کان ٻاهر آهن، ۽ سندس رستن جو پتو پئجي نٿو سگهي!


۽ مون قربانگاهہ مان هڪڙو آواز هيئن چوندو ٻُڌو تہ هائو، اي خداوند خدا، قادر مطلق، تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.


ڇالاءِ جو هن جا فيصلا سچا ۽ درست آهن! ۽ جنهن وڏيءَ ڪسبياڻيءَ پنهنجي زناڪاريءَ سان زمين کي خراب ڪري ڇڏيو، تنهن جو هن انصاف ڪيو، ۽ کانئس پنهنجن بندن جي خون جو بدلو ورتو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ