11 خداوند ۽ سندس قدرت جي ڳولا ڪريو؛ سدائين سندس ديدار جا طالب رهو.
11 اوهين خداوند جا ۽ سندس قدرت جا طالبو رهو، اوهين سندس ديدار جي طلب رکندي هيڪل ۾ ايندا رهو.
هن جي پاڪ نالي تي فخر ڪريو؛ جيڪي خداوند جا طالب آهن، تن جي دل خوش ٿئي.
تنهنڪري هاڻي اي خداوند خدا، تون پنهنجي طاقت جي صندوق سميت اُٿي پنهنجي آرامگاهہ ۾ اچ: اي خداوند خدا، ڀلي تہ تنهنجا ڪاهن نجات جي پوشاڪ ڍڪين، ۽ تنهنجا پاڪ ٻانها چڱائيءَ جي ڪري خوشيون ڪن.
اي يعقوب جا خدا، هيءَ اها پيڙهي آهي، جا تنهنجي طالب آهي، ۽ جنهن کي تنهنجي ديدار جي سڪ آهي.
گهڻيئي آهن جي چون ٿا تہ ڪير اسان سان ڀلائي ڪندو؛ اي خداوند تون پنهنجي چهري جو نور اسان تي چمڪاءِ.
شل خدا اسان تي رحم ڪري، ۽ اسان کي برڪت ڏئي، ۽ پنهنجو چهرو اسان تي چمڪائي:
اي خدا تون پنهنجي پاڪ مڪانن ۾ هيبتناڪ آهين: اسرائيل جو خدا پنهنجي ماڻهن کي زور ۽ طاقت ٿو بخشي. شل خدا مبارڪ هجي.
هن پنهنجيءَ طاقت کي قيد ۾، ۽ پنهنجي جلال کي دشمن جي هٿ ۾ ڏنو.
اُهي ماتم جي واديءَ مان لنگهندي انهيءَ کي چشمن جي جاءِ ٿا بنائين؛ بلڪ آڳاٽو مينهن انهيءَ کي برڪتن سان ڀريو ڇڏي.
خداوند کي ڳوليو تہ جيئرا رهو؛ متان هو يوسف جي گهراڻي ۾ باهہ وانگي نڪري پوي ۽ ساڙي ماري ڇڏي، ۽ ڪوبہ انهي کي بيت ايل ۾ وسائي نہ سگهي: