۽ دائود اسرائيل جي ساري جماعت کي چيو تہ جي اوهان کي مناسب نظر اچي، ۽ جي خداوند اسان جي خدا جي اهڙي مرضي هجي، تہ جيڪي اسان جا ڀائر اسرائيل جي ساري ملڪ ۾ باقي رهيا آهن، ۽ جن سان سندن ٻهراڙيءَ وارن شهرن ۾ ڪاهن ۽ لاوي آهن، تن ڏي چوائي موڪليون تہ اچي سڀ اسان وٽ گڏ ٿين:
۽ ندب ۽ ابيهو، جڏهن سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي خداوند جي حضور ۾ مري ويا، ۽ انهن کي اولاد ڪونہ هو: باقي اليعز ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي موجودگيءَ ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪندا رهيا.