Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.تواريخ 15:3 - Sindhi Bible

3 ۽ دائود سڀ اسرائيلي يروشلم ۾ آڻي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي صندوق کڻي، جيڪا جاءِ انهيءَ جي لاءِ تيار ڪئي هئائين، اتي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 سو دائود بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو يروشلم ۾ سڏايا، تہ جيئن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي رکن جيڪا هن انهيءَ لاءِ تيار ڪرائي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.تواريخ 15:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ماڻهن بادشاهہ دائود کي ٻڌايو تہ خداوند عوبيد ادوم جي گهراڻي کي، ۽ جن جو انهيءَ سان واسطو آهي تن سڀني کي خدا جي صندوق ڪري برڪت ڏني آهي. تڏهن دائود وڃي عوبيد ادوم جي گهر مان خدا جي صندوق خوشيءَ سان دائود جي شهر ۾ کڻي آيو.


۽ هنن خداوند جي صندوق اندر آڻي جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ پنهنجي جاءِ تي رکي: پوءِ دائود خداوند جي اڳيان سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيون.


پوءِ سليمان، اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، ۽ بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار يروشلم ۾ پاڻ وٽ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر مان، يعني صيئون مان ڪڍي آڻين.


۽ دائود اسرائيل جي ساري جماعت کي چيو تہ جي اوهان کي مناسب نظر اچي، ۽ جي خداوند اسان جي خدا جي اهڙي مرضي هجي، تہ جيڪي اسان جا ڀائر اسرائيل جي ساري ملڪ ۾ باقي رهيا آهن، ۽ جن سان سندن ٻهراڙيءَ وارن شهرن ۾ ڪاهن ۽ لاوي آهن، تن ڏي چوائي موڪليون تہ اچي سڀ اسان وٽ گڏ ٿين:


تڏهن دائود سڀ اسرائيلي، مصر جي نهر سيحور کان وٺي حمات جي گهڙڻ واري هنڌ تائين گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ قريت يعريم مان خدا جي صندوق کڻي اچن.


۽ دائود پنهنجي لاءِ دائود جي شهر ۾ گهر جوڙايا؛ ۽ خدا جي صندوق لاءِ بہ هڪڙي جاءِ تيار ڪرايائين، ۽ اُنهيءَ لاءِ هڪڙو تنبو کوڙايائين.


۽ انهن کي چيائين تہ اوهين لاوين جي ابن جي گهراڻن جا سردار آهيو: اوهين پاڻ ۽ پنهنجن ڀائرن کي مخصوص ڪريو، تہ وڃي خداوند اسرائيل جي خدا جي صندوق انهيءَ جاءِ تي، جا مون تيار ڪئي آهي، کڻي اچو.


۽ هنن خدا جي صندوق اندر آڻي، جيڪو تنبو دائود انهيءَ جي لاءِ کوڙيو هو، تنهن جي وچ ۾ رکي: ۽ هنن خدا جي اڳيان سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيون.


۽ سليمان سڄي اسرائيل جي هزارن ۽ سوَن جي سردارن، ۽ قاضين ۽ رئيسن سان، جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا سردار هئا، ڳالهيون ڪيون.


پر دائود خدا جي صندوق قريت يعريم مان انهيءَ جاءِ تي کڻي آيو هو، جا هن انهيءَ لاءِ تيار ڪئي هئي، ڇالاءِ جو هن انهيءَ لاءِ يروشلم ۾ هڪڙو تنبو هنيو هو.


تنهن کانپوءِ سليمان اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار، يروشلم ۾ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان کڻي يروشلم ۾ آڻين.


۽ هن شاهديءَ جون تختيون کڻي صندوق ۾ وڌيون، ۽ ڏنڊا صندوق مان لنگهايائين، ۽ صندوق جي مٿان رحمت جو پوش رکيائين؛


تڏهن هو موسيٰ جي حڪم موجب، سڀ ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان کڻي آيا: ۽ ساري جماعت ويجهو اچي خداوند جي حضور ۾ بيٺي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ